Saturday , April 27 2024

ڪالاباغ ڊيم خلاف وڪيلن پاران عدالتي ڪاررواين جو بائيڪاٽ

ڪراچي( سنڌسماءَچار مانيٽرنگ ڊيسڪ) سنڌ جي مختلف شهرن ۾ وڪيلن ڪالاباغ ڊئم خلاف عدالتي ڪاررواين جو بائيڪاٽ ڪري احتجاجي مظاهرا ڪيا، ڪراچي يونيورسٽي جي شاگردن به ڪالا باغ ڊيم خلاف ڪلاسز جو بائيڪاٽ ڪري احتجاج ڪيو. ڪراچي يونيورسٽي جي سنڌي شعبي جي شاگردن ڪالا باغ ڊيم خلاف ماتم ڪري سخت نعريبازي ڪئي. لاڙڪاڻي ۾ ڊسٽرڪٽ بار ايسوسي ايشن جي سڏ تي وڪيلن مختلف عدالتن ۾ ڪم بند ڪري جنرل باڊيز ڪوٺايون، عدالتي ڪاررواين جي بائيڪاٽ سبب ماڻهن کي ڏکيائين سان منهن ڏيڻو پيو.  ٺٽي جي وڪيلن عدالتي ڪارواين جو بائيڪاٽ ڪري سيشن ڪورٽ ٻاھران بار جي صدر اعجاز شاھ جي اڳواڻي ۾احتجاجي مظاهرو ڪيو. ميرپور ماٿيلو ۾ ممتاز نائچ، اويس پتافي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ وڪيلن عدالت آڏو احتجاجي  مظاهرو ڪري تڪراري ڊيم خلاف نعريبازي ڪئي. مٺي ۾ ڊسٽرڪٽ بار ايسوسئيشن پاران وڪيل ڀيرو لال هيراڻي، منور ساگر، جاويد بجير ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ وڪيلن احتجاجي مظاهرو ڪيو. احتجاج ڪندڙ وڪيلن چيو ته ڪالاباغ ڊيم سان سنڌ سڪي تباهه ٿي ويندي، اهڙي فيصلي کي سنڌ جو عوام ڪڏهن به قبول نه ڪندو. هنن مطالبو ڪيو ته تڪراري ڪالا باغ ڊيم ٺاهڻ وارو فيصلو واپس ورتو وڃي، ٻي صورت ۾ احتجاج جاري رکيو ويندو.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ جي تاريخي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي زمين تي والار جاري

ٺٽو ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ جي تاريخي ورسي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *