Sunday , April 28 2024

ڊان ليڪس رپورٽ ن ليگ جي رڌڻي ۾ رولو وجهي ڇڏيو، پرويز رشيد به آخرڪار ڳالهايو.!

dawn leaks 1

ڊان ليڪس جي جاچ بابت رپورٽ اڃا مڪمل طور تي منظر تي ناهي آئي، ان کان اڳ ئي نواز ليگ جي رڌڻي ۾ رولو پئجي ويو آهي.

ڊان ليڪس جي خبر کان فوري طور تي بعد ۾ تڏهوڪو سُڌسماءَ وارو وفاقي وزير سينيٽر پرويز رشيد ان جو پهريون نشانو بڻيو، جنهن کي عهدي تان هٽايو ويو هو.

پرويز رشيد ڊان ليڪس جي رپورٽ وزيراعظم جي حوالي ٿيڻ بعد پنهنجي خاموشي ٽوڙي ڇڏي آهي.

پرويزرشيد اسلام آباد ۾ صحافين جي هڪ گروپ سان ڳالهائيندي چيو آهي ته، “ ڪا به خبر اخبار يا ٽي وي تي هلائڻ کان روڪرائڻ، سڌسماءَ جي وزير جي ذميواري ۾ شامل نه ٿو هجي”.

پرويز رشيد جو چوڻ هو ته “ جيڪڏهن ڪنهن به خبر کي روڪرائڻ اطلاعات جي وزير جي فرضن ۾ شامل آهي ته پوءِ ان کي، يونيورسٽين ۽ ٻين تعليمي ادارن ۾ ماس ڪميونيڪيشن جي شاگردن کي اهڙي ڳالهه پڙهائي وڃي”. جيڪڏهن رياست سڌسماءَ جي وزير مان اها اميد رکي ٿي ته، “هُو خبر روڪرائي سگهي ٿو ته، صحافت جي شعبي ۾ پڙهندڙ شاگردن کي به اها ڳالهه پڙهائي ۽ سمجهائي وڃي ته ته اهو ڪيئن ممڪن ٿي سگهي ٿو”.

پرويز رشيد جو چوڻ هو ته، “هُن اُهو ڪجهه ڪيو جيڪو هڪ مهذب ۽ جمهوري معاشري ۾ ٿيڻ گهرجي ۽ ڪرڻ گهرجي، اوهان ڪنهن به رپورٽر کي صورتحال بابت ڄاڻ/آگاهه ڪري سگهو ٿا ۽ ان بابت اوهان پنهنجي راءِ ڏئي سگهو ٿا، باقي ڪنهن به رپورٽر کي سندس خبر تان هٿ کڻڻ لاءِ نه ٿا چئي سگهو، ۽ آءُ به اهو ئي ڪيو هو”

ڊان ليڪس جي رپورٽ جي آڌارتي وزيراعظم جي خاص مددگار طارق فاطمي به عهدي کان ڌار ٿيڻ واري فيصلي کي قبول ڪندي بعد ۾ ان تي سوال اٿاري ڇڏيا هئا.

رپورٽ کي جواز ڄاڻائيندي پي آءِ او رائو تحسين کي هٽايو ويو، جنهن اهڙي فيصلي خلاف عدالت ۾ وڃڻ جو فيصلو ڪيو.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ جي تاريخي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي زمين تي والار جاري

ٺٽو ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ جي تاريخي ورسي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *