Sunday , April 28 2024

پ پ کي لاڙڪاڻي شهر ۾ 40 سالن کانپوءِ شڪست،پي ايس 11 تي ندا کهڙو هارائي وئي،پي ايس 12 تي سهيل انور سيال ڪامياب

لاڙڪاڻو ( رپورٽر  سنڌسماءَچار) پاڪستان پيپلز پارٽي کي شهيد ڀٽو ۽ شهيد بينظير جي اباڻي شهر لاڙڪاڻي ۾ پهريون ڀيرو شڪست نصيب ٿي آهي، جي ڊي اي اميدوار معظم عباسي پ پ جي اميدوار ۽ پ پ سنڌ جي صدر نثار احمد کهڙو جي ڌيءُ ندا کهڙو کي شڪست ڏئي ڇڏي آهي. 2018 جي عام چونڊن ۾  لاڙڪاڻي جي صوبائي اسيمبلي جي تڪ پي ايس 11 تي جي ڊي اي اميدوار معظم عباسي لاڙڪاڻي جي صوبائي تڪ پي ايس 11 تي 32 هزار 178 ووٽ کڻي ڪاميابي حاصل ڪري ورتي آهي. چونڊن جي غير حتمي ۽ غير سرڪاري نتيجن موجب پاڪستان پيپلز پارٽي جي اميدوار ۽ پ پ پ سنڌ جي صدر نثار احمد کهڙو جي ڌيءُ ندا کهنڙو صرف 21 هزار 811 ووٽ حاصل ڪري سگهي آهي.

لاڙڪاڻي شهر ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي کي 40 سالن کانپوءِ شڪست نصيب ٿي آهي. پ پ پ ذريعن جو ندا کهڙو جي ناڪامي کانپوءِ پ پ جي قيادت سنڌ جي صدر نثار کهڙو کي فون ڪري سخت ڇنڊ پٽي آهي. پ پ پ جي ذريعن جو چوڻ آهي ته، فرال ٽالپر به منثار کهڙي کي فون ڪري ندا کهڙو جي ناڪامي تي پڇاڻو ڪيو آهي.

اڳوڻو صوبائي وزير سهيل انور سيال ٻيو ڀيرو سنڌ اسيمبلي جو ميمبر چونڊجي ويو

لاڙڪاڻي جي باقراڻي تعلقي جي صوبائي تڪ جي پ پ پ اميدوار سهيل انور سيال ڪاميابي ماڻي ورتي آهي، 25 جولاءِ تي ٿيل عام چونڊن جي غير حتمي ۽ غير سرڪاري نتيجن مطابق پي ايس 12 باقراڻي تي پاڪستان پيپلز پارٽي جو اميدوار سهيل انور سيال 48 هزار 947 ووٽ کڻي ڪامياب ٿي ويو آهي. سهيل انور سيال جو مخالف جي ڊي اي جو اميداور سيد اڪبر شاهه راشدي کي رڳو 22 هزار 626 ووٽ ملي سگهيا آهن. اهڙي طرح سهيل انور سيال ٻيو ڀيرو سنڌ اسيمبلي جو ميمبر چونڊجي ويو آهي.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ جي تاريخي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي زمين تي والار جاري

ٺٽو ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ جي تاريخي ورسي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *