Saturday , April 27 2024

پي ٽي آءِ ڪراچي ۾ رهندڙ سنڌين کي مهاجر قرار ڏئي ڇڏيو

ڪراچي ( چيف رپورٽر  سنڌسماءَچار) پاڪستان تحريڪ انصاف سنڌ جي ٻين شهرن ۽ ڳوٺن مان ڪراچي پورهيو ڪرڻ يا مستقل آباد ٿيندڙ سنڌين کي مهاجر قرار ڏئي ڇڏيو آهي. پي ٽي آءِ جي سينيئر اڳواڻ فردوس شميم نقوي ڪراچي پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته، اسان جا وڏا مهاجر هئا پر هاڻي اسان ڪراچي جا مقامي ماڻهو ۽ پاڪستاني آهيون، پٺاڻ، پنجابي به هاڻي ڪراچي جا مقامي رهواسي آهن. هن چيو ته، ڪراچيءَ ۾ سنڌ جي ٻين شهر ۽ ڳوٺن مان پورهيو ڪرڻ لاءِ ايندڙ يا مستقل طور ڪراچي ۾ آباد ٿيندڙ سنڌي مهاجر آهن.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ جي تاريخي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي زمين تي والار جاري

ٺٽو ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ جي تاريخي ورسي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *