Sunday , April 28 2024

پنوعاقل ۾ نوجوان تي تشدد ڪندڙ جوابدار گرفتار، ڪيس داخل

سکر(رپورٽر سنڌسماءَچار) پنوعاقل پوليس سوشل ويب سائيٽ تي پيپلزپارٽي خلاف تنقيدي پوسٽ رکڻ تان شهريءَ کي تشدد جو نشانو بڻائيندڙ 6 جوابدارن مان ٻن جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو آهي، جوابدارن تنقيدي پوسٽ رکڻ تي شهري لالو ميگهواڙ تي تشدد ڪيو هو، جيڪا وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي وئي هئي. گذريل ڏينهن سوشل ويب سائيٽ تي پيپلزپارٽي خلاف تنقيدي پوسٽ رکڻ تان شهريءَ کي تشدد جو نشانو بڻائڻ واري واقعي جو ايس ايس پي سکر پاران نوٽيس وٺڻ بعد پوليس 6 جوابدارن قدرت الله چاچڙ، صوبدار گڏاڻي، گڊو چاچڙ، ذيشان شيخ، يعقوب چاچڙ ۽ حسن خلاف ڪيس داخل ڪري ورتو آهي. پوليس موجب شهري تي تشدد ڪندڙ ٻن جوابدارن قدرت الله ۽ حسن گڏاڻي کي گرفتار ڪري لاڪ اپ ڪيو ويو آهي. واضح رهي ته جوابدارن گذريل ڏينهن تنقيدي پوسٽ رکڻ تان شهري لالو ميگهواڙ تي تشدد ڪيو هو، جيڪا وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي وئي هئي.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ جي تاريخي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي زمين تي والار جاري

ٺٽو ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ جي تاريخي ورسي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *