Saturday , April 27 2024

وڏي وزير جو ڀيڻيويو ڪرونا وائرس ۾ مبتلا، مريضن جو انگ 27 کان وڌيڪ هجڻ جو انڪشاف

سنڌ ۾ ڪرونا وائرس تيزي سان وڌڻ لڳو، وڏي وزير جو ڀيڻيويو به وائرس ۾ مبتلا

ڪراچي(رپورٽ: اصغر آزاد  سنڌسماءَچار) سنڌ ۾ ڪرونا وائرس جي مريضن ۾ اوچتو تيزي اچي وئي آهي، وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي ڀيڻيويي سميت مريضن جو انگ 17 ٿي ويو، ذريعن جو چوڻ آهي ته وائرس ۾ مبتلا مريضن جو انگ 27 کان وڌيڪ آهي پر ظاهر نه پيو ڪيو وڃي، سنڌ ۾ گذريل 24 ڪلاڪن دوران مرض ۾ مبتلا مريضن جو انگ وڌي 17 ٿي ويو آهي، صحت کاتي به سنڌ ۾ ڪرونا جي ڪيسز ۾ اضافي جي تصديق ڪري ڇڏي آهي، صحت کاتي جي ذريعن دعويٰ ڪئي آهي ته سنڌ ۾ هن وقت به 27 کان وڌيڪ تصديق ٿيل ڪرونا جا مريض موجود آهن، پر انهن کي ظاهر نه پيو ڪيو وڃي، مريضن جو انگ آهستي آهستي مريض ظاهر ڪيا ويندا، وڏي وزير صحت کاتي پاران گذريل رات دير سان 8 مريض هجڻ جي جي تصديق واري بيان تي به ڪاوڙ جو اظهار ڪيو آهي. سڄي دنيا ۾ وبائي صورت اختيار ڪري ويل ڪرونا وائرس جو مرض پاڪستان ۾ به تيزي سان وڌي رهيو آهي، ڪراچي ۾ وڌيڪ 17 مريضن ۾ وائرس جي تصديق ٿيڻ کانپوءِ  سنڌ ۾ مريضن جو انگ 17 ۽ ملڪ ۾ مجموعي انگ 18 ٿي ويو آهي.سنڌسماءَچار کي مليل ڄاڻ مطابق وڏي وزير مراد علي شاهه جي ڀيڻيويي جيڪو ڪجهه ڏينهن اڳ زيارتن تان واپس آيو هو ان کي به ڪرونا وائرس هجڻ جي تصديق ٿي وئي آهي، ذريعن دعويٰ ڪئي آهي ته آصف حيدر شاهه ايئرپورٽ تي اسڪيننگ ڪرائڻ کانسواءِ گهر روانو ٿي  ويو هو

سنڌ ۾ تيزي سان پکڙجندڙ ڪرونا وائرس جي مريضن ۾ تيزي سان واڌ اچي رهي آهي، صحت کاتي جي ذريعن جو چوڻ آهي ته، وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي ڀيڻيويي کي به ڪرونا وائرس جي تصديق ٿي چڪي آهي، جنهن کي هڪ نجي اسپتال جي آئيسوليشن وارڊ ۾ منتقل ڪري سندس گهر ڀاتين ۽ ساڻس ملاقاتون ڪندڙن جي به چڪاس ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ جي تاريخي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي زمين تي والار جاري

ٺٽو ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ جي تاريخي ورسي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *