Saturday , April 27 2024

وزيراعظم عمران خان پيٽرول مهانگو ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي

اسلام آباد ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار ) وزيراعظم عمران خان پيٽرليم شيون مهانگيون ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي، وزيراعظم جي منظوري بعد تبديلي سرڪار مهانگائي جي گهاڻي ۾ پيسجندڙ عوام مٿان هڪ ڀيرو ٻيهر بم ڪيرائيندي پيٽرول 147 رپيا 82 پئسا ڪري ڇڏيو. وفاقي حڪومت اوگرا جي تجويزن تي عمل ڪندي پيٽروليم شين جي اگهن ۾ واڌ ڪري ڇڏي آهي. وزيراعظم عمران خان جي منظوري کانپوءِ ناڻي واري وزارت پيٽرليم شين جي اگهن ۾ واڌ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو آهي، نوٽيفڪيشن موجب پيٽرول 3 رپيا هڪ پئسومهانگو ڪيو ويو آهي، جنهن بعد پيٽرول جي نئين قيمت 147 رپيا 82 پئسا في ليٽر ٿي ويو، هاءِ اسپيڊ ڊيزل 3 رپيا مهانگو ٿيڻ بعد 144 رپيا 62 پئسا في ليٽر ٿي ويو آهي. وفاقي حڪومت گاسليٽ جي اگهن ۾ به واڌ ڪري نئون اگهه 116 رپيا 48 رپيا في ليٽر ڪيو ويو ويو  آهي، نوٽيفڪيشن موجب  لائٽ ڊيزل مهانگو ٿيڻ بعد في ليٽر 114 رپيا 62 پئسا ٿي ويو آهي.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ جي تاريخي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي زمين تي والار جاري

ٺٽو ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ جي تاريخي ورسي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *