Sunday , April 28 2024

نواز شريف کي انتظار آهي ته ڪو ڌماڪو ٿئي ۽ نظام ڊانواڊول ٿي وڃي: اعتزاز احسن

ڪراچي (سنڌسماءَچار مانيٽرنگ ڊيسڪ) ناليواري قانوندان ۽ پ پ سينيٽر اعتزاز احسن چيو آهي ته نواز شريف آپگهاتي جيڪيٽ پائي آئيني ۽ قانوني طور تي ڄڻ ته آپگهاتي جيڪيٽ پائي ڇڏي آهي ۽ کيس انتظار آهي ته ڪو ڌماڪو ٿئي ۽ نظام ڊانواڊول ٿي وڃي. هڪ خانگي ٽي وي چئنل سان ڳالهائيندي اعتزازا احسن چيو ته، عدالتن جو اڄ به نواز شريف تي هلڪو هٿ آهي، نواز شريف اڃاتائين ته  عدليه جي خاموشي، صبر ۽ نرم رويي جو فائدو وٺي رهيو آهي. ان جي خواهش آهي ته ڪو ڌماڪو ٿي پوي ۽ موجوده نظام ڊانوانڊول ٿي وڃي. اعتزاز احسن جو چوڻ هو ته، ميان نواز شريف هن  وقت آڦگهاتي بمبار جيان آپگهاتي جيڪيٽ پائي گهمي رهيو آهي. هن چيو ته آئيني، قانوني ۽ اخلاقي حوالي سان مني لانڊرنگ کان وڌيڪ اقامو خطرناڪ ڏوهه آهي. اهڙين حالتن ۾ هاڻي سوال اهو پيدا ٿي رهيو آهي ته ڏوهاري پارٽي سربراهه بڻجي سگهي ٿو؟. هن چيو ته نواز شريف جو جي ٽي روڊ تي جلوس ناڪام ٿيو، کيس جي ٽي روڊ تي تقرير تي ئي عدالت گهرايو وڃي ها پر نواز شريف کي ڍَرَ ڏني وئي، تنهن ڪري هو هوائي گهوڙي تي سوار ٿيو آهي.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ جي تاريخي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي زمين تي والار جاري

ٺٽو ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ جي تاريخي ورسي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *