Monday , April 29 2024

مني لانڊرنگ ڪيس؛ فريال ٽالپر جي عارضي ضمانت ۾ واڌ، آصف زرداري مفرور برقرار

ڪراچي( رپورٽر سنڌسماءَچار) ڪراچي جي بئنڪنگ عدالت 35 ارب رپيا مني لانڊرنگ ڪيس ۾ فريال ٽالپر جي عبوري ضمانت ۾ 4 سيپٽمبر تائين واڌ ڪري ڇڏي، حسين لوائي ۽ طحه رضا جي ضمانت وارين درخواستن تي ٻڌڻي 18 آگسٽ تائين ملتوي ڪئي وئي. عدالت ۾ ڪيس جي ٻڌڻي دوران فريال ٽالپر، شيرمحمد مغيري، شهزاد جتوئي ۽ ٻيا پيش ٿيا. فريال ٽالپر عبوري ضمانت ۾ واڌ لاءِ درخواست داخل ڪرائي، جيڪا عدالت منظور ڪندي فريال ٽالپر جي عبوري ضمانت ۾ 4 سيپٽمبر تائين واڌ ڪري ڇڏي آهي. جوابدارن حسين لوائي ۽ طلحيٰ رضا جي ضمانت وارين درخواستن جي ٻڌڻي دوران ايف آءِ اي جو جاچ آفيسر پيش نه ٿيو. ايف آءِ اي جي پراسيڪيوٽر دليلن ۾ چيو ته جوابدار حسين لوائي ۽ طحه رضا جي ضمانت وارين درخواستن تي فيصلو 18 آگسٽ تائين ملتوي ڪئي وڃي. عدالت ايف آءِ اي جي پراسيڪيوٽر سان مخاطب ٿيندي رمارڪس ۾ چيو ته جيڪڏهن 18 آگسٽ تي دليل نه ڏنا ويا ته درخواستن تي فيصلو ٻڌايو ويندو، جنهن کان پوءِ ضمانت وارين درخواستن تي ٻڌڻي ملتوي ڪئي وئي.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ جي تاريخي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي زمين تي والار جاري

ٺٽو ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ جي تاريخي ورسي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *