Saturday , April 27 2024

لاڙڪاڻي جي ايڊيشنل سيشن جج گل ضمير سولنگي استعفيٰ ڏئي ڇڏي

ڪراچي ( رپورٽر سنڌسماءَچار) لاڙڪاڻي جي ايڊيشنل سيشن جج گل ضمير سولنگي عهدي تان استعيفيٰ، ڏئي ڇڏي آهي، استعيفيٰ ڏيندڙ جج تي، ڪجهه ڏينهن اڳ سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس، جسٽس ثاقب نثار پاران لاڙڪاڻي ۾ ڪورٽ اندر ساڻس سخت لهجي ۾ ڳالهايو هو ۽ سندس لکيل آرڊر تي ڪاوڙ ظاهر ڪئي هئي.

 چيف جسٽس ثاقب نثار جي ڪاوڙ کي منهن ڏيندڙ ايڊيشنل ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج گل ضمير سولنگي عهدي تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏي آهي، هن پنهنجي استعيفيٰ اڄ سنڌ هاءِ ڪورٽ جي رجسٽرار وٽ جمع ڪرائي آهي. استعيفيٰ جي متن موجب مان 20 مارچ 2017ع کان لاڙڪاڻي ۾ ايڊيشنل ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج جي عهدي تي ڪم ڪري رهيو آهيان، چيف جسٽس ثاقب نثار عدالتي ڪارروائي دوران منهنجي عدالت جو دورو ڪيو، ڪاوڙ جو اظهار ڪيو ۽ موبائيل کڻي ميز تي ڦٽو ڪيو. گل ضمير سولنگي موجب چيف جسٽس جي دوري جي ويڊيو اليڪٽرانڪ، پرنت ۽ سوشل ميڊيا تي ڏيکاري وئي جنهن سبب منهنجي ساک متاثر ٿي آهي. جج گل ضمير سولنگي چيو ته اهڙين حالتن ۾ مان پنهنجا فرض بهتر نموني سان پورا نه ٿو ڪري سگهان. ان ئي ڪارڻ مان پنهنجي ايڊيشنل سيشن جج جي عهدي تان استعيفيٰ ڏئي رهيو آهيان.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ جي تاريخي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي زمين تي والار جاري

ٺٽو ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ جي تاريخي ورسي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *