Sunday , April 28 2024

شعيب شيخ ٻيهر گرفتار، ڪرائيم سيل منتقل

ڪراچي (رپورٽر  سنڌسماءَچار) ايگزيڪٽ جعلي ڊگري ڪيس جي مک جوابدار جي سنڌ هاءِ ڪورٽ مان ضمانت واري درخواست رد ٿيڻ بعد شعيب شيخ کي ايف آءِ اي کيس سنڌ هاءِ ڪورٽ ٻاهران گرفتار ڪري ورتو. سنڌ هاءِ ڪورٽ ايگزيڪٽ اسڪينڊل ڪيس ۾ جوابدار شعيب شيخ سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ حفاظتي ضمانت لاءِ درخواست ڏني هئي جيڪا عدالت ڌرين جا دليل ٻڌڻ بعد رد ڪري ڇڏي هئي. فيڊرل انويسٽيگيشن شعيب شيخ کي گرفتار ڪرڻ بعد ڪرائيم سيل جي لاڪ اپ ۾ بند ڪري ڇڏيو آهي. ايگزيڪٽ اسڪينڊل ۾ سيشن ڪورٽ جي فيصلي جي خلاف اپيل داخل ڪئي هئي جنهن ۾ شعيب شيخ ۽ ٻين جوابدار کي آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏنو هو.سنڌ هاءِ ڪورٽ جي جسٽس نعمت الله ڦلپوٽي جي سربراهي ۾ 2 رڪني بينچ ايگزيڪٽ اسڪينڊل مني لانڊرنگ ڪيس ۾ ايف آءِ اي طرفان شعيب شيخ جي بريت جي خلاف ۽ ڪيس کي ٻيهر ٽرائل ٻڌڻي لاءِ موڪلڻ جي اپيل جي ٻڌڻي ڪئي.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ جي تاريخي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي زمين تي والار جاري

ٺٽو ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ جي تاريخي ورسي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *