Saturday , April 27 2024

سنڌ ۾ لاڪ ڊائون ٿر ۾ کاڌي پيتي جي شين جي  بحران جو امڪان – ڀانو مل موٽواڻي

سڄي سنڌ ۾ ڪروناوائرس هيلٿ ايمرجنسي سبب لاڪ ڊائون ۽ ٿر ۾ هزارين خاندان بک وگهي مرڻ جو خدشو نظر انداز نه ٿو ڪري سگهجي-ڀاونو مل موٽواڻي

سڄي سنڌ ۾ ڪرونا وائرس سبب سنڌ حڪومت کي ھيلٿ ايمرجنسي سان گڏ فوڊ ايمرجنسي به لڳائڻ گهرجي، ٿرپارڪر سنڌ جو واحد ضلعو آھي جتي نه ڪو بئراج آھي ۽ نه ئي ڪو درياء آھي جنهن تي عام غريب غربو محنت مزدوري ڪري ۽ پنهنجو پيٽ گذر ڪري ٿو هن ضلعي ۾ اڪثر قدرتي آفتن جي ڪري ڪيترائي ماڻھو متاثر ٿيا آھن ۽ ٿيندا رهن پيا ڪجهه مهينا اڳ ۾ ٿرپارڪر ۾ برساتون پيون ۽ هرپاسي خوبصورتي جا رنگ نخري آيا, ماروئڙن جي چهرن تي مرڪون موٽي آيون هيون ته گذريل ٽن سالن جي ڪاري ڏڪار کانپوءِ هيل سٺو فصل ٿيندو قرض ۽ ھارپو به لهي ويندو انهي خوشي ۾ هئا ته چوماسي جون نه بيهندڙن برساتن جو اڻکٽ سلسلو شروع ٿيو، جنهن جي نتيجي ۾ فصلن کي نقصان ٿيو، بچيل فصل سٺو لٿو. پوءِ به هارين ۽ مزدورن اهو سوچيو ته اهو شايد عذاب هاڻي وري نه ايندو اسان ٻيهر ٿا ٻنيون پوکيون جئين هارين ۽ نارين  ٻيهر ٻنيون پوکيون فصل تيار ٿيا ته پڪل فصلن ۽ چوپائي مال جي گاهه کي ڪروڙين جي تعداد ۾ ماڪڙن کائي ناس ڪيو.  جنهن کانپوءِ وري سياري جي شروعاتي ۾ اڻمندائتي برساتن به وارو لائي ڏنو ۽ لابارو ڪيل فصلن سميت ٽيهه ماڻهن جون حياتيون ڳڙڪائي وئي. طوفاني برسات سبب هزارن ايڪڙن تي لابارو ڪيل فصل به تباهه ٿي ويو  وڄون ڪرڻ سبب مالوند ماڻهن  جون سوين جي تعداد ۾ چوپايو مال به مري ويو هو جنهن جو اڃان تائين سنڌ سرڪار ازالو نه ڪيو آهي جنهن ڪري ٿري هڪ ڀيرو وري ٻيهر ڪاري ڏڪار جي لپيٽ ۾ اچي ويا آهن.

سنڌ حڪومت پاران صوبائي وزيرن جي جوڙيل ڪاميٽين به ڪو ٻوٽو نه ٻاريو پو به ٿر واسين همٿ نه هاري هنن سنڌ حڪومت ۽ وفاقي حڪومت کي چيو ته اسان پنڻ نٿا چاهيون، اسان کي روزگار ۽ ٽڪنيڪل هنر سيکاريو اهو ته سنڌ حڪومت نه ڪري سگهي پر جيڪي مزدور پنهنجو قرض ۽ گهر جو گاڏو هلائڻ لا مختلف شهرن ۾ روزگار لا نڪري ويا هئا، اهي به ڪرونا وائرس ۽ سنڌ جي مختلف شهرن ۾ لاڪ ڊائون سبب هوٽلن ۽ بنگلن تي ڪم ڪندڙ هزارين ٿر واسين ڪرونا جي خوف سبب واپس اچڻ شروع ٿي  ويا آهن. هاڻي ٿر واسين بيروزگاري جي وبا ڪڙڪي پئي آهي، . ٿرپارڪر جي اڪثر ننڍن وڏن شهرن مٺي، اسلام ڪوٽ،  ڇاڇرو، ڏيپلو، ڪلوئي، ننگرپارڪر، کئنسر، مبارڪ رند، ڪانٽيو چيلهار ۽ آس پاس ۾ ڏيهاڙي تي ڪم ڪندڙ به بيروزگار ٿي ويا آحن. اڪثر نوجوان توڙي پوڙها پڪا به بي روزگار ٿي ويا آهن جن جو چلهه به روزاني ٻه سئو يا اڍائي جي ڪري ٻرندي هئي اهي ٻه ويلا ماني کائڻ لاءِ پريشان آهن. اهڙي طرح لڳي ائين ٿو ته ٿر ۾ ڪرونا وائرس سبب ماڻهو گهٽ مرندا بلڪ بک وگهي ڪيترائي ماڻهو مري سگهن ٿا. ان لاءِ  سنڌ حڪومت ٿرپارڪر ضلعي اهڙن خاندانن لاءِ ڪي جوڳا اپاءُ وٺي، ماڻهن کي رليف مهيا ڪري.

سنڌ سرڪار جي بدمست وزير ۽ ڪرپٽ ڪامورن هميشه ٿري عورتن جي تذليل ڪئي ڪڏهن به انصاف نه ڪيو آهي سواءِ فنڊ ھڙپ ڪرڻ غريبن ۽  مسڪينن جي ٽيڪس تي عياشيون ڪرڻ جي سوا ڪجه به نه ڪيو آهي، سنڌ حڪومت ڪرونا وائرس جي خاتمي لاءِ لاڪ ڊائون ڪيو آھي ته اهو سٺو عمل آھي ته ماڻهو گهرن تائين رهندا ته وائرس ختم ٿي ويندو. اهو لاڳيتو پنڌرانهن ڏينهن لاڪ ڊائون رهيو ته ڪيترائي ٿري واسي آپگهات ڪرڻ تي مجبور ٿي ويندا، ڇو ته اسان سنڌ واسي پنهنجن ٻچن جو پيٽ بکيو نه ڏسي سگهندا آھيون تنهن ڪري اهڙي بک کان موت ڀلي آھي. ورلڊ هيلٿ آرگنائيزنگ جي ريسرچ مطابق ٿرپارڪر جو ريثو بک, بدحالي, غربت, گهروپريشانين,بيروزگاري ۽ سماج ۾ اڻ برابري سبب چوٽ چڙهيل آھي, سنڌ حڪومت ۽ ضلعي انتظاميا کي گهرجي ته مختلف شهرن کان ايندڙ مزودورن جي مختلف پوليس چيڪ پوسٽن ته هيلٿ ڪئمپس لڳائي چڪاس ڪئي وڃي شهرن کي لاڪ ڊائون ڪرڻ سان ڪيترائي گهر برباد ٿي ويندا ۽ ان سان گڏوگڏ مهانگهائي به چوٽ چڙهي ويندي اهڙي صورتحال کي منهن ڏيڻ لا صحت کاتي سان گڏوگڏ روينيو عملدارن کي به پنهنجو پنهنجو فرض ادا ڪرڻ گهرجي ۽ مختلف شهرن ۾ روز مره جي شين جا اسٽال لڳڻ گهرجن جئين غريب مزدور پنهنجن ٻچن کي بکيو سمھارڻ کان بهتر آھي ڪجه کارائي سمهاري.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ جي تاريخي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي زمين تي والار جاري

ٺٽو ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ جي تاريخي ورسي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *