Sunday , April 28 2024

سنڌ يونيورسٽي ” ڊاڪٽر بني بخش بلوچ“، ڪمال جو ڪارنامو

حيدر آباد( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ يونيورسٽي جي، ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ چيئر پاران 21هين اگسٽ تي ليڪچر پروگرام رٿيو ويو آهي، جنهن لاءِ دعوت نامو به ڇپرايو ويو آهي. ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ چيئر جي ڊائريڪٽر تهمينا مفتي پاران پنهنجي نگراني هيٺ ڇپرايل دعوت نامي واري ڪارڊ سنڌي ٻولي جو شاندار نمونو آهي. ان ڪارڊ تي به هڪ ڌار ليڪچر پروگرام ٿي سگهي ٿو، جنهن لاءِ سنڌ يونيورسٽي جو وي سي، اداري جي پي آر ڊپارٽمينٽ ۽ ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ چيئر دل کولي خرچ ڪري سگهن ٿا. اچو ته اوهان کي، سنڌ يونيورسٽي جي؛ ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ چيئر جي ڊائريڪٽر محترما تهمينا مفتي جو ڪارنامو. دعوت نامي ۾ جيڪو ڪجهه آهي اهو اوهان پاڻ غور سان پڙهي سگهو ٿا.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ جي تاريخي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي زمين تي والار جاري

ٺٽو ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ جي تاريخي ورسي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *