Saturday , April 27 2024

سنڌ سميت سڄي ملڪ ۾ ڪروناوائرس جي مريضن ۾ ڌڙا ڌڙ واڌ،وڏي وزير پاران ڪرفيو لڳائڻ جو اشارو

پاڪستان ۾ ڪرونا جي ڪسن ۾ واڌ، انگ 4هزار263 ٿي ويو

ڪراچي(رپورٽر   سنڌسماءَچار) سنڌ سميت ڪرونا وارس جا ڪيس ڌڙا ڌڙ ظاهر ٿيڻ لڳا، وڏي وزير پاران لاڪ ڊائون جي ڀڃڪڙي ڪندڙن خلاف سختي ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، صورتحال خراب ٿيڻ طرف وڌڻ لڳي، وزيراعظم پاران به مريضن کي رکڻ جي کوٽ جو امڪان ظاهر. گذريل ٻن ڏينهن کان سنڌ سميت سڄي ملڪ ۾ ڪرونا وائرس جي ڪيسز ۾ ڌڙا ڌڙ واڌ ٿي رهي آهي، نون ظاهر ٿيل ڪيسز ۾ مقامي سطح تي منتقلي وڏي وئي آهي، فوتين جو انگ به 61 ٿي ويو آهي. ڪرونا وائرس جي ڪيسز ۾ واڌ اچڻ کانپوءِ سرڪاري انگن اکرن مطابق سنڌ ۾ اربع ڏينهن شام تائين ڪرونا جي تصديق ٿيل مريضن جو انگ هڪ هزار 36 ڄاڻايو ويو، جن ۾ 50 ڪيسز صرف ڪراچي ڊويزن جي ڇهن ضلعن ۾ ظاهر ٿيو آهي،صحت کاتي سنڌ جي ذريعن جو چوڻ آهي ته گذريل ٽن ڏينهن دوران جيڪي به نوان ڪيس ظاهر ٿيا آهن انهن سمورن جي منتقلي مقامي سطح تي ٿي آهي. ڪرونا جا ڪيس پنجاب ۾ به تيزي سان پکڙجي رهيو آهي، پنجاب ۾ تصديق ٿيل ڪيسن جو انگ وڌي 2 هزار 166، خيبرپختونخوا ۾ 566، گلگت بلتستان ۾ 211، بلوچستن ۾ 212، اسلام آباد ۾ 83 ۽ آزاد ڪشمير ۾ 28 ڄڻن ۾ ڪرونا وائرس هجڻ جي تصديق ڪئي وئي آهي، اهڙي طرح ملڪ ۾ ڪرونا جي متاثرن جو انگ وڌي چار هزار 263 ٿي ويو آهي،  سڄي ملڪ ۾ چاق ٿيلن جو انگ 467 ٿي ويو آهي.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ جي تاريخي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي زمين تي والار جاري

ٺٽو ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ جي تاريخي ورسي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *