Sunday , April 28 2024

سنڌ حڪومت پاران اومني گروپ کي وڏي رقم ڏيڻ جي خاموش ڪوشش ناڪام

ڪراچي(رپورٽ: اصغر آزاد  سنڌسماءَچار)  سنڌ حڪومت پاران سبسڊي جي نالي تي اومني گروپ کي اڍائي ارب رپيا جاري ڪرڻ جون ڪوششون ناڪام ٿي ويون آهن. ذريعن جو چوڻ آهي ته، توانائي واري کاتي سميت مختلف کاتن پاران صنعتن کي ريليف ڏيڻ ۽ مختلف شعين تي سبسڊي  جي نالي تي اڳوڻي صدر آصف زرداري جي ويجهي دوست ۽ مني لانڊرنگ ڪيس ۾ گرفتار انور مجيد جي اومني گروپ جي ماتحت مختلف ڪمپنين کي اڍائي ارب رپين کان وڌيڪ جي رقم جاري ڪرڻ جا انتظام ڪيا ويا هئا، جن بابت ناڻي کاتي ۽ توانائي واري کاتي جي آفيسرز چيف سيڪريٽري سيد ممتاز علي شاهه کي اطلاع ڪيو. ذريعن دعويٰ ڪئي آهي ته، چيف سيڪريٽري ممتاز شاهه فوري طور تي اهڙي قسم جي ڪا به ادائگي نه ڪرڻ جا زباني حڪم جاري ڪيا. ذريعن جو چوڻ آهي ته، سبسڊي جي نالي تي جاري ٿيندڙ رقم روڪڻ جي حڪمن بعد سنڌ حڪومت جي بااثر شخص چيف سيڪريٽري سان رابطي جي ڪوشش ڪئي پر ساڻس رابطو ٿي نه سگهيو.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ جي تاريخي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي زمين تي والار جاري

ٺٽو ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ جي تاريخي ورسي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *