Sunday , April 28 2024

سنڌ انوائرمينٽل ٽربيونل ملير ايڪسپريس وي جي اڏاوت لاءِ 30 شرط رکي ڇڏيا

ڪراچي(چيف رپورٽر  سنڌسماءَچار) سنڌ انوائرمينٽل پروٽيڪشن ٽربيونل؛ ملير ايڪسپريس وي جي اڏاوت لاءِ 30 شرط رکي ڇڏيا، سنڌ حڪومت کي ماحولياتي تحفظ ۽ مقامي آبادي جي متاثر نه ٿيڻ جي هدايت ڪري ڇڏي. ايس اِي پي ٽي سبب انساني آبادي ۽ ماحولياتي گدلاڻ جي ڦهلاءَ خلاف درخواست پاڪستان ماحولياتي تحفظ موومينٽ احمد شبر، عبدالقيوم، آفاق ڀٽي ۽ ٻين پاران ملير ايڪسپريس وي جي اڏاوت سبب ماحولياتي گدلاڻ ۽ مقامي آبادين جي متاثر ٿيڻ خلاف داخل ڪيل درخواست تي ٻنهي ڌرين جا دليل ٻڌڻ کانپوءِ فيصلو ٻڌائيندي درخواست اڪلائي ڇڏي آهي.

انوائرمينٽل پروٽيڪشن ٽربيونل پنهنجي فيصلي ۾ سنڌ حڪومت سميت لاڳاپيل اختيارين کي 30 شرط لاڳو ڪندي منصوبي تي ڪم جاري رکڻ جي هدايت ڪري ڇڏي آهي، ٽربيونل 20هين گريڊ جي آفيسر کي مانيٽرنگ آفيسر مقرر ڪرڻ جو به حڪم ڏنو. انوائرمينٽل ٽربيونل درخواستگذارن کي لاڳو ڪيل 30 شرطن بابت آگاهي  نه ڏني ۽  نه ئي فيصلي جي ڪاپي جاري ڪئي. درخواستگذارن ۽ سندن وڪيلن جو چوڻ آهي ته اسان ٽربيونل جي فيصلي خلاف سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ اپيل داخل ڪنداسين، هنن چيو ته اهو ڪئين ممڪن آهي ته جنهن شي سان انساني جانين ۽ ٻين جاندارن جي زندگي توڙي ماڻهن جي رهڻي ڪرڻي سميت ماحول تي ناڪارا اثر پوندا هجن اهڙي منصوبي کي جاري رکي ماحولياتي تبديلين بعد ٿيندڙ نقصانن کي دعوت ڏيڻ آهي، هنن چيو ته اسان کي سنڌ هاءِ ڪورٽ مان انصاف جي اميد آهي.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ جي تاريخي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي زمين تي والار جاري

ٺٽو ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ جي تاريخي ورسي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *