Saturday , April 27 2024

”رائو انوار پوليس سميت لاڳاپيل اختيارين کان ڳجهو ناهي وقت اچڻ تي گرفتار ٿي ويندو“:ذريعن جي دعويٰ

ڪراچي(سنڌسماءَچارنيور/  مانيٽرنگ ڊيسڪ) قتل ڪيس جو جوابدار ۽ شڪي جڙتو پوليس مقابلن جو ماهر ”اڳوڻو ايس ايس پي رائو انوار پوليس سميت ڪنهن به قانون لاڳو ڪندڙ اداري کان ڳجهو ناهي، وقت اچڻ تي کيس گرفتار ڪيو ويندو(گرفتاري ظاهر ڪئي ويندي)“ ذريعن جو چوڻ آهي ته، هن وقت تائين  پوليس سميت قانون لاڳو ڪندڙ ادارا قتل ڪيس جي جوابدار ۽ ملير جي اڳوڻي ايس ايس پي رائو انوار کي گرفتار نه ڪري سگهيا آهن؛ پوليس دعويٰ ڪئي آهي ته رائو انوار جو ويجهو ساٿي ۽ قمر احمد گرفتار ٿين  چڪو آهي، کيس اڱاري يا اربع ڏينهن عدالت ۾ پيش ڪيو ويندو. پوليس ذريعن اها دعويٰ ڪئي آهي ته، نقيب الله محسود قتل ڪيس ۾ اڳوڻي ايس ايس پي ملير رائو انوار جي ويجهي ساٿي ڊي ايس پي قمر احمد کي گرفتار ڪيو ويو آهي. ڊي ايس پي قمر احمد پوليس ايس ڊي پي او ملير سٽي مقرر هو. رائو انوار جي ملير ۾ مقرري وارو سمورو عرصو قمر احمد به ملير ۾ ئي مقرر رهيو.  قمر احمد کان بيان وٺڻ لاءِ پوليس طلب ڪيو ۽ تڪراري بيان تي کيس حراست ۾ ورتو ويو. اڳوڻي ايس پي انويسٽي گيشن ملير ۽ شاهه لطيف ٽائون ٿاڻي جي عملي جا بيان به رڪارڊ ڪيا ويا جڏهن ته ڪوڙن پوليس مقابلن ۾ قتل ٿيلن جي وارثن کان به بيان ورتا ويا.

ان سلسلي ۾ سنڌسماءَچار کي ذريعن کان مليل ڄاڻ ۾ چيو ويو آهي ته، ” رائو انوار پوليس سميت لاڳاپيل ڪنهن به اختياري کان ڳجهو ناهي؛ جڏهن ۽ جنهن وقت به طئه ٿيو ته کيس گرفتار ڪرڻو آهي ته ٿي ويندو“. ذريعن دعويٰ ڪئي آهي ته رائو انوار مارچ مهيني جي پهرين يا ٻئي هفتي دوران گرفتار ٿي ويندو.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ جي تاريخي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي زمين تي والار جاري

ٺٽو ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ جي تاريخي ورسي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *