Sunday , April 28 2024

حيدرآباد ڪرونا ڪيسز ۾ هاٽ لائن تي پهچي ويو

ڪراچي(چيف رپورٽر   سنڌسماءَچار) سنڌ ۾ ڪرونا جي وبا جي ٽئين لهر چوٽ چڙهڻ لڳي، حيدرآباد ڪرونا وائرس جي هاٽ لائن تي پهچي وئي آهي، اين سي او سي پاران جاري ڪيل ڪرونا جي شرح مطابق سنڌ ۾ حيدرآباد شهر ۽ ڀرپاسي واران علائقن ۾ ڪرونا وائرس ۾ تيزي اچي وئي آهي. حيدرآباد ۾ ڪرونا ڪيسن جي واڌ ۽ مثبت ڪيسن جو تناسب سنڌ جي ٻين شهرن جي ڀيٽ ۽ آبادي جي حساب سان 8 ڏهائي 7 سيڪڙو تي پهچي وئي آهي جيڪا مسلسل وڌي رهي آهي.

سنڌ ۾ ڪرونا جا 737 نوان ڪيس ظاهر ٿيا آهن، جن مان 398 مريضن جو واسطو ڪراچي ڊويزن جي سمورن ضلعن سان آهي. صحت کاتي جي رپورٽ مطابق حيدرآباد ۾ 102، شڪارپور 58، لاڙڪاڻي ۾ 39 قمبر ضلعي ۾ ڪرونا جا وڌيڪ 15 ڪيس رپورٽ ٿيا آهن. رپورٽ مطابق ٺٽي ۾ 13، شهيد بينظير آباد، نوشحرو فيروز ۾ 12-12، سجاول، ٽنڊوالهيار ۽ گهوٽڪي ضلعن ۾ 11-11 ماڻهو ڪرونا ۾ مبتلا ٿي ويا آهن اهڙي طرح ، دادو ۽ جيڪب آباد ۾ 8-8، بدين، ڄامشورو ست ست ماڻهو ڪرونا وائرس ۾ مبتلا ٿيا آهن

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ جي تاريخي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي زمين تي والار جاري

ٺٽو ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ جي تاريخي ورسي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *