Sunday , April 28 2024

”جسٽس قاضي فائز عيسيٰ؛ وزيراعظم عمران خان خلاف ڪنهن به ڪيس جي شنوائي نه ڪري“: چيف جسٽس سپريم ڪورٽ

اسلام آباد ( سنڌسماءَچار مانيٽرنگ ڊيسڪ ) ”جسٽس قاضي فائز عيسيٰ؛ وزيراعظم عمران خان خلاف ڪنهن به ڪيس جي شنوائي نه ڪري، ڇو ته هن جو وزيراعظم خلاف ڪيس داخل ڪيل آهي“. سپريم ڪورٽ وزيراعظم عمران خان خلاف پارليامينٽيرينز کي ترقياتي فنڊز ڏيڻ بابت جاري ڪيل لکت وارو فيصلو، چيف جسٽس، جسٽس گلزار احمد پاران 5 صفحن تي لکيل فيصلي ۾ چيو ويو  آهي ته، غيرجانبداري جي اصولن کي نظر ۾ رکندي ، جسٽس قاضي فائز عيسيٰ کي وزيراعظم عمران خان خلاف ڪنهن به ڪيس جي شنوائي نه ڪري. چيف جسٽس فيصلي ۾ لکيو آهي ته ، جسٽس قاضي فائز عيسيٰ  اڻسڃاتل ذريعي کان واٽس ايپ تي آيل پيغام جو حوالو ڏنو، اهي دستاويز هن ججز ۽ اٽارني جنرل کي به فراهم ڪيا،  پر جسٽس قاضي فائز عيسيٰ کي پاڻ کي به انهن دستاويزن جي اصل هئڻ جي پڪ نه هئي، اٽارني جنرل به انهن دستاويزن بابت چيو ته، انهن دستاويزن جي متند هجڻ تي سواليا نشان آهي، اٽارني جنرل اُهي دستاويز عدالتي رڪارڊ جو  حصو نه بڻائڻ جي به درخواست ڪئي. سپسريم ڪورٽ جي فيصلي ۾ چيو ويو هي ته جيڪڏهن ڪو جج پاڻ شڪايت ڪندڙ هجي ته مناسب نه ٿو لڳي هو اهڙو ڪيس ٻڌي جڏهن ته جسٽس قاضي فائز عيسي وزيراعظ۾ خلاف هڪ درخواست پڻ داخل ڪري چڪو آهي، انڪري انصاف جي گهرج اها آهي ته هُو هي ڪيس نه ٿو ٻڌي سگهي ۽ وزيراعظم خلاف ڪو به ڪيس کيس نه ٻڌڻ گهرجي.

سنڌ هاءِ ڪورٽ جي حڪمن باوجود خيرپور جي ضلعي انتظاميا بااثر بلڊر آڏو بيوس

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ جي تاريخي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي زمين تي والار جاري

ٺٽو ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ جي تاريخي ورسي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *