Saturday , April 27 2024

بخشاپور راڄوڻي تڪرار 5 انساني جانيون ڳڙڪائي ويو، زخمي روڊ تي ڦٿڪندا رهيا

بخشاپور ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) بخشاپور ڀرسان انڊس هاءِ وي تي هٿياربند جي فائرنگ ۾ 5 ڄڻا مارجي ويا، 4 ڄڻا مرڻينگ، زخمين کي لاڙڪاڻي جي چانڊڪا اسپتال داخل ڪيو ويو، علائقي واسين موجب زخمي ڪيتري ئي وقت تائين روڊ تي ڦٿڪندا رهيا، اطلاع باوجود پوليس نه پهتي.پوليس قاتلن جي گرفتاري لاءِ ڪک ڀڃي ٻيڻو نه ڪيو، علائقي واسي خوف ۾ مبتلا. بخشاپور ۾ ڊومڪي برادري جي ٻن ڌرين ۾ پراڻي تڪرار تان هٿياربندن انڊس هاءِ وي تي حملو ڪري پنج ڄڻ کي قتل ڪري ڇڏيو، هٿياربندن جي فائرنگ ۾ 4 ڄڻا مرڻينگ ٿي پيا.  هٿياربندن جي حملي ۾ برڪت ڊومڪي، عيدن، ڌڻي بخش، نور احمد ۽ پيربخش ڊومڪي مارجي ويا، مارجي ويلن جا لاش اسپتال منتقل ڪري پوسٽ مارٽم بعد مڙهه وارثن جي حوالي ڪيا ويا. ٻنهي ڌرين ۾ ڇڪتاڻ برقرار آهي، علائقي واسين جو چوڻ آهي ته پوليس جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ڪک ڀڃي ٻيڻو ناهي ڪيو، ڊومڪي برادري جي ٻن ڌرين ۾ خوني تڪرار جي نتيجي ۾ علائقي ۾ خوف وارو محول هجڻ ڪري ڪاروهنوار سخت متاثر ٿي رهيو آهي، حڪومت قبيلائي تڪرارن ۾ ملوث ماڻهن ۽ سندن سهولتڪارن خلاف بنا رک راءَ جي آپريشن ڪري. ان ڏس ۾ علائقي واسين کان مليل ڄاڻ مطابق هٿياربندن جي فائرنگ ۾ 4 کان وڌيڪ ماڻهو زخمي ٿي پيا، پوليس کي اطلاع ڪيو پر اها روايتي انداز ۾ ڪافي دير سان پهتي، زخمي ڪيتري ئي دير تائين روڊ تي ڦٿڪندا ۽ مدد لاءِ چوندا رهيا پر علائقي واسي پوليس ۽ برادري تڪرار جي خوف کان زخمين جي  ويجهو نه ويا، ڪافي دير کانپُوءِ سندن برادري جي ماڻهن کين موٽرسائيڪلن تي ويجهي اسپتال پهچايو، جتان کين رحيم يارخان ۽ لاڙڪاڻي جي اسپتالن ڏانهن منتقل ڪيو ويو.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ جي تاريخي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي زمين تي والار جاري

ٺٽو ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ جي تاريخي ورسي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *