Sunday , April 28 2024

ايس بي سي اي جو جي ڊپٽي ڊائريڪٽر جنرل گرفتار،قيمتي گاڏيون ۽ اربين رپين جي ملڪيتن جا دستاويز هٿ

ڪراچي ( رپورٽر     سنڌ سماءَ چار) نيب ڪراچي جي علائقي فيڊرل بي ايريا ۾ سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي جي ڊپٽي ڊائريڪٽر جنرل عادل عمر جي گهر تي ڇاپو هڻي هڪ ارب رپين جي ماليت جي ملڪيتن جا دستاويز، روڪ رقم، پرائز بانڊز ۽ قيمتي گاڏيون هٿ ڪري ورتيون آهن. نيب اختيارين  جوڊيشل ميجسٽريٽ جا وارنٽ ساڻ ڪري عادل عمر جي گهر تي ڇاپو هنيو. نيب بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي جي عملدار جي گهر ۾ جهڙتي ورتي ۽ هڪ ارب رپين جي اثاثن جا دستاويز هٿ ڪيا. نيب جي پڌرائي موجب عادل عمر جي گهر مان هڪ مرسڊيز، ٽوئيٽا، سوزوڪي سفٽ،لينڊ ڪروز جا دستاويز، 55 لک رپين جا پرائز بانڊ ۽ روڪ رقم،50 ڪروڙ رپين جي پلاٽن جا دستاويز،دبئي ۾ ٽن ملڪيتن جا دستاويز،۽ بينڪ ۾ 5 ڪروڙ رپين جا ثبوت هٿ ڪري ورتا. نيب جو چوڻ آهي ته سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي جي عملدار کي گرفتار نه ڪيو ويو آهي، ڇاڪاڻ ته هن کي سنڌ هائي ڪورٽ عارضي ضمانت ڏئي چڪي آهي.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ جي تاريخي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي زمين تي والار جاري

ٺٽو ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ جي تاريخي ورسي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *