Friday , April 26 2024

ڳڙهي خيرو ۾ ڪارنهن الزام هيٺ عورت ۽ نوجوان قتل، عورت جا 2 پٽ زخمي

honor killing 2

ڳڙهي خيرو ويجهو جوابدار ڪارنهن الزام هيٺ فائرنگ ڪري پنهنجي زال ۽ نوجوان کي قتل ڪري ڇڏيو، فائرنگ ۾ مقتول عورت جا ٻه پٽ زخمي ٿي پيا آهن.

ڳوٺ گهرام خان بروهي ۾ جوابدار انور بروهي ڪارنهن الزام ۾ فائرنگ ڪري نوجوان “ م ” بروهي کي قتل ڪرڻ بعد گهر پهچي پنهنجي نوجوان زال “ الف خاتون ”  کي به پسٽل جا فائر ڪري قتل ڪري ڇڏيو. جوابدار جي فائرنگ ۾ عورت جا ٻه پٽ ٻن سالن ۽ ٻيو 7 سالن سخت زخمي ٿي پيا.

اطلاع تي دوداپور ٿاڻي جي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي مقتول نوجوان جو لاش تعلقه اسپتال ڳڙهي خيرو ۽ عورت جو لاش سول اسپتال جيڪب آباد منتقل ڪيو، جتان ضروري ڪارروائي کانپوءِ مڙهه وارثن حوالي ڪيا ويا.

پوليس جو چوڻ آهي ته جوابدار انور بروهي واقعي کانپوءِ فرار ٿي ويو، جنهن جي گرفتاري لاءِ ڪوششون جاري آهن.

About Asghar Azad

Check Also

خيرپور جي ڪچي مان شاگرد جو تشدد ٿيل لاش هٿ

خيرپور (خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) ڪنگري تعلقي جي ڳوٺ مگرجي واسي شاگرد جو ڪچي واري علائقي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *