Saturday , April 27 2024

ڪرونا ۾ مبتلا حيدر آباد واسي ڊاڪٽر جو ڪٽنب بي يارو مددگار

اسان چئن ڏينهن کان بي يارو مددگار بڻيل آهيون، ڪير پڇڻ لاءِ تيار ناهي:ڊاڪٽر(س) جي گهر واري

حيدر آباد( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) حيدر آباد واسي هڪ ڊاڪٽر (ايس -س) جو سڄو ڪٽنب ڪرونا وائرس ۾ مبتلا هجڻ جو انڪشاف ٿيو آهي، ڊاڪٽر جي گهرواري پاران مدد لاءِ دانهون ڪرڻ واري وڊيو منظر تي اچي وئي آهي. حيدر آباد جي لطيف آباد واري علائقي جي رهواسي هڪ ڊاڪٽر جي گهر واري جي وڊيو منظر تي آئي آهي جنهن ۾ هوءَ چئي رهي آهي ته، سندن مڙس ڪرونا وائرس سبب اسپتال ۾ داخل آهي، هو مريضن جو علاج ڪرڻ دوران وائرس ۾ مبتلا ٿو. ڊاڪٽر (س) جي گهر واري روئيندي چئي رهي آهي ته، سندس مڙس چئي پيو ته اسان ٽئي ڪرونا پازيٽو آهيون، پاڻ کي ڪورنٽائين ڪيو آهي، چئن ڏينهن کان دانهون ڪيون پيا، پر ڪير به نه ٿو اچي، اسان جو ڇا ٿيندو، هو پاڻ نه کڻي آيو آهي ڪرونا، اسپتال ۾ ڊيوٽي دوران ائين ٿيو آهي، آخر اسان وڃئون ته ڪاڏي وڃئون.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ جي تاريخي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي زمين تي والار جاري

ٺٽو ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ جي تاريخي ورسي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *