Saturday , April 27 2024

مرحوم اياز سومرو گورک اٿارٽي کان پجيرو گهرائي هئي، جنهن جو اتو پتو ئي ناهي: اڪبر لغاري

مرحوم اياز سومرو گورک اٿارٽي کان پجيرو گهرائي هئي، جنهن جو اتو پتو ئي ناهي: سيڪريٽري ثقافت اڪبر لغاري

ڪراچي(رپورٽ: اصغر آزاد   سنڌسماءَچار) ثقافت کاتي جي سيڪريٽري اڪبر لغاري انڪشاف ڪيو آهي ته، اڳوڻي صوبائي وزير مرحوم اياز سومرو گورک هلز اٿارٽي مان قيمتي پجيرو گهرائي هئي، جنهن جو اڃا تائين ڪو به ڏس پتو ناهي پئجي سگهيو، ڳولا ڪيون پيا. سنڌ اسيمبلي جي پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي (پي اي سي) جي اجلاس دوران ڪميٽي کي بريفنگ ڏيڻ دوران کاتي جي سيڪريٽري اڪبر لغاري انڪشاف ڪيو آهي ته، کاتي جون 8 کان وڌيڪ مهانگيون گاڏيون ته مختلف ڪامورن ۽ بااثرن وٽ آحن، جيڪي واپس ناهن ٿيو، پر کاتي جي هڪ قيمتي گاڏي جيڪا اڳوڻي صوبائي وزير مرحوم اياز سومرو فون ڪري  گهرائي هئي ان جو اڃا تائين ڪو به ڏس پتو پئجي ناهي سگهيو، اڪبر لغاري ڪميٽي کي ٻڌايو ته مرحوم اياز سومرو گورگ ڊولپمينٽ اٿارٽي کان 44 لکن جي پيجارو گهرائي هئي، سيڪريٽري ثقافت اڪبر لغاري چيو ته اسان اياز سومري جي وارثن سان رابطو ڪيو هو، جن ٻڌايو ته اسان وٽ گاڏي ناهي، هن چيو ته اها گاڏي اياز سومري ٽيليفون ڪري گهرائي هئي، خبر ناهي ته اها گاڏي ڪنهن وٽ آهي؟ پي اي ايس چيئرمين غلام قادر چانڊيو اجلاس ۾ موجود سيڪريٽري کي هدايت ڪئي ته اوهان اياز سومري جي پونئرن سان رابطو ڪريو، ٿي سگهي ٿو ته گاڏي ڪٿي بيٺل هجي؟ جنهن تي سيڪريٽري ٻڌايو ته اسان ڪيترائي ڀيرا رابطي جي ڪوشش ڪئي پر سندس وارث ٻڌائڻ لاءِ تيار ناهن، جنهن بعد ان گاڏي بابت پڻ انڪوائري جي هدايت جاري ڪئي وئي.

ثقافت کاتي جون 8 گاڏيون، زمين ڳهي وئي يا آسمان کائي ويو، اڪبر لغاري سڀ ٻڌائي ڇڏيو

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ جي تاريخي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي زمين تي والار جاري

ٺٽو ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ جي تاريخي ورسي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *