Tuesday , April 23 2024

ثقافت کاتي جون 8 گاڏيون، زمين ڳهي وئي يا آسمان کائي ويو، اڪبر لغاري سڀ ٻڌائي ڇڏيو

ثقافت کاتي جون 8 گاڏيون، زمين ڳهي وئي يا آسمان کائي ويو، 44 لکن جي پجيرو ڪنهن گهرائي ۽ ڪاڏي وئي؟ اڪبر لغاري سڀ ٻڌائي ڇڏيو

ڪراچي( رپورٽ: اصغر آزاد    سنڌسماءَچار ) سنڌ جي ثقافت سياحت واري کاتي جون 8 لگزري ۽ مهانگيون گاڏيون ڪيترن ئي ورهين کان پراسرار نموني گم، نئين مقرر ٿيل سيڪريٽري اڪبر لغاري پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي کي ٻڌائي ڇڏيو آهي، اڳوڻي صوبائي وزير مرحوم اياز سومرو پاران فون تي گهرايل قيمتي پجيرو ڀي گم ٿيڻ جو انڪشاف ٿيو آهي. سنڌ جي ثقافت ۽ سياحت واري کاتي جي سيڪريٽري اڪبر لغاري، سنڌ اسيمبلي جي پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي جي اجلاس دوران بريفنگ ڏيندي اڪبر لغاري ڪميٽي ۾ ان ڪشاف ڪيو ته، ثقافت کاتي جون 8 گاڏيون گم آهن، کاتي جا وزير يا سيڪريٽري رهندڙ سرڪاري گاڏيون واپس نٿا ڪن. پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي جي چيئرمين غلام قادر چانڊيو جي صدارت هيٺ ٿيل اجلاس دوران ثقافت کاتي جي سيڪريٽري اڪبر لغاري چيو ته ڪيترائي وزير ۽ سيڪريٽري کاتو ڇڏڻ بعد سرڪاري گاڏيون به پاڻ سان گڏ کڻي ويا، جن کي ڪيترائي ڀيرا خط لکي ۽ فون ذريعي گاڏيون واپس ڪرڻ جو چيو، پر ڪير به ٻڌڻ وارو نه هو. اڪبر لغاري ڪميٽي کي ٻڌايو ته، نيٺ کاتي جون سرڪاري گاڏيون ولاپس ڪرڻ لاءِ مون ذاتي طور ٻانهون ٻڌي ۽ منٿون ڪري 7 کن گاڏيون واپس ڪرايون آهن، پر اڃا تائين 8 کان وڌيڪ گاڏيون گم آهن، جن بابت ڪو به ڏس پتو نه پوي.

اڪبر لغاري موجب وزيرن کي کاتي جون گاڏيون کڻڻ ئي نه کپن، ڇاڪاڻ ته کين ايس اينڊ جي اي ڊي گاڏي ڏيندو آهي، پوءِ به وزير فون ڪري چوندا آهن ته گاڏي موڪليو، جيڪا گاڏي اهي واپس ناهن موڪليندا. هن چيو ته ڪيترائي اهڙا آفيسر، جيڪي مونکان سينيئر آهن، جن مان ڪي رٽائرڊ ٿيا يا وري وفاقي سيڪريٽري ٿيا، انهن به سرڪاري گاڏيون واپس ناهن ڪيون، جنهن تي پي اي سي چيئرمين ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته سرڪاري گاڏيون فوري طور واپس ڪرايون وڃن، پبلڪ اڪائونٽس ڪاميٽي جي اجلاس ۾ ثقافت کاتي جي سيڪريٽري کي هدايت ڪئي وئي ته مهيني اندر لاپتا گاڏين بابت جاچ ڪئي وڃي ته اهي گاڏيون ڪٿي ۽ ڪنهن وٽ آهن؟.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ جي تاريخي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي زمين تي والار جاري

ٺٽو ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ جي تاريخي ورسي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *