Friday , April 26 2024
Pakistani officials examine a train damaged by a fire in Liaquatpur, Pakistan, Thursday, Oct. 31, 2019. A massive fire engulfed three carriages of the train traveling in the country's eastern Punjab province (AP Photo/Siddique Baluch)

لياقت پور ويجهو تيزگام ريل کي باهه لڳڻ سبب  90 کان وڌيڪ ماڻهو اجل جو شڪار

لياقت پور ويجهو تيزگام ريل کي باهه لڳڻ سبب  90 کان وڌيڪ ماڻهو اجل جو شڪا، انگ 150 تائين پهچڻ جو خدشو

اوٻاوڙو/ رحيم يارخان / سکر (خصوصي رپورٽرز   سنڌسماءَچار) رحيم يار خان جي لياقت پور واري علائقي ۾ تيزگام ايڪسپريس کي باهه لڳڻ جي نتيجي ۾ 90 کان وڌيڪ مسافر اجل جو شڪار ٿي ويا آحن، فوتين جي انگ ۾ اضافي جو خدشُ ظاهر ڪيو پيو وڃي، تيزگام ايڪسپريس ڪراچي کان راولپنڊي ويندي لياقت پور ڀرسان حادثو جو شڪار بڻجي وئي، واقعو سلينڊر ڦاٽڻ جي نتيجي ۾ باهه واري وفاقي وزير شيخ رشيد جي دعويٰ شڪي بڻجي وئي آهي، مسافرن جو چوڻ آهي ته باهه شارٽ سرڪٽ سبب لڳي، ريلوي اختيارن جو چوڻ آهي ته فوتي سمورن مسافرن جو واسطو تبليغي جماع سان آهي، جيڪي مرڪزي تبليغي اجتماع ۾ وڃي رهيا هئا، رحيم يار خان جي هڪ مقامي پوليس آفيسر سنڌسماءَچار کي فون تي ٻڌايو آهي ته باهه گئس سلينڊر ڦاٽڻ جي نتيجي ۾ لڳڻ واري دعويٰ ۾ صداقت ناهي، واقعو ٽرين اندر بجلي جي شارٽ سرڪٽ سبب لڳي، تبليغي جماعت جي ماڻهن وٽ جڪي سلينڊرز هوندا آهن اُهي اجتماع ۾ وڃڻ دوران سفر ۾ استعمال ناهن ڪندا پر اهي رائيونڊ ۾ اجتماع دوران رهائش وقت استعمال ڪيا ويندا آهن، انڪري ٽرين ۾ سلينڊر استعمال ڪرڻ جو جواز ناهي، سلينڊر ڌماڪي جي ڳالهه جيڪو به ڪري ٿو اها سراسر غلط آهي. ان پوليس آفيسر هڪ سوال جي جواب ۾ سنڌسماءَچار کي ٻڌايو ته، سندس هن وقت تائين ( صبح 11 لڳي 25 منٽ) جي معلومات مطابق واقعو شارٽ سرڪٽ سبب ئي پيش آيو آهي، حتمي جاچ تائين واقعي جي ڪارڻ بابت ٻيو ڪجهه به نه ٿو چئي سگهي.

ان سلسلي ۾ روهڙي ريلوي اسٽيشن جي ذريعن جو چوڻ آهي ته، تيز گام ايڪسپريس جي ايڪانومي ڪلاس جي بوگي نمبر 3 ، 4 ۽ بزنس ڪلاس جي بوگي نمبر 5 کي باهه لڳي، جنهن جي نتيجي ۾ صبح ( 9 لڳي 10 منٽ) تائين فوتي مسافرن جو تعداد 87 کان وڌيڪ آهي جيڪو اڃا به وڌندو. فوتي مسافرن جي تعداد بابت سنڌسماءَچار کي ريلوي اختيارين ۽ ڊي ايڇ او رحيم يار خان جي ذريعن کان مليل ڄاڻ مطابق فوتي مسافرن جو انگ 90 کان وڌيڪ آهي، جيڪو 150 تائين پهچي سگهي ٿو.

سنڌسماءَچار مانيٽرنگ ڊيسڪ: ٻئي پاسي  ڊسٽرڪٽ ايمرجنسي آفيسر بهاولپور باقر حسين 65 ڄڻن جي فوت ٿيڻ جي تصديق ڪئي آهي، اسپتال انتظاميه موجب اڃان به فوتين جو انگ وڌڻ جو خدشو آهي، ڪيترن جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي، زخمين ۽ فوتين جي لاشن کي ٽي ايڇ ڪيو لياقت پور ۽ بهاولپور جي اسپتالن ۾ منتقل ڪيو ويو، ٻڌايو پيو وڃي ته مسافرن سلينڊر ۾ ناشتو تيار ڪيو ته سلينڊر ڦاٽي پيو، جنهن کانپوءِ ٽرين کي باهه لڳي وئي، واقعي واري هنڌ امدادي ڪارروايون جاري آهن، آءِ ايس پي آر ترجمان موجب پاڪ فوج جا جوان به امدادي ڪاررواين ۾ حصو وٺي رهيا آهن.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ جي تاريخي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي زمين تي والار جاري

ٺٽو ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ جي تاريخي ورسي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *