Friday , April 26 2024

سنڌي ۽ بلوچن ۾ ويڇا پيدا ٿيڻ نه ڏبا، سنڌي ۽ بلوچ فورم جي گڏجاڻي ۾ اتفاق راءِ قائم

 ( لنڊن پريس رليز ) سنڌي بلوچ فورم جي گڏيل پريس پڌرائي موجب سنڌي بلوچ فورم جي  گڏجاڻي لنڊن ۾ ٿي. جنهن ۾ اصولي طور اهو طئي ڪيو ويو ته سنڌين ۽ بلوچن وچمي ويڇا پيدا ڪرڻ جي ڪنهن به سازش کي ڪامياب ٿيڻ نه ڏبو. اجلاس ۾ ورلڊ سنڌي ڪانگريس، بلوچ نيشنل مومنٽ، ورلڊ بلوچ آرگنائيزيشن ۽ بلوچ هيومن رائيٽس ڪائونسل يوڪي جي اڳواڻن شرڪت ڪئي. سنڌي بلوچ فورم جي  اجلاس جي گڏيل پڌرنامي موجب سنڌ ۽ بلوچستان جي جاگرفيائي وحدت تي سوال اٿاريندڙن ڌرين  کي سنڌين ۽ بلوچن وچ ۾ ويڇا پيدا ڪرائيندڙ  قرار ڏيندي ان عمل کي  سنڌ ۽ بلوچستان جي قومي تحريڪن ۽ مقصد لاءِ هاڃيڪار قرار ڏيندي اهڙن عملن ۽ انهن ويڇا پيد ڪندڙ ڌرين جي  گڏيل مذمت ڪئي وئي. اجلاس ۾ ان تي اتفاق راءُ قائم ڪيو ويو ته سنڌ ۽ بلوچستان جون موجوده جاگرافيائي سرحدون جيڪي پنهجو تاريخي پسمنظر رکن ٿيون ان ۾ يقين رکن ٿيون،.جاگرفيائي ٽڪراءُ پيدا ڪرڻ کي محڪوم سنڌين ۽ بلوچن جي وچ ۾ فطري قومي اتحاد کي نقصان رسائڻ ۽ سنڌين ۽ بلوچن ۾ ويڇا پيدا ڪرڻ جي سازش قرررار ڏيندي رد ڪيو ويو.

سنڌي بلوچ فورم جي گڏجاڻي بلوچستان ۾ سنڌي مزدورن جي قتل جي مسئلي کي غير معمولي اڀار ڏئي سنڌين ۽ بلوچن وچمي غلط فهميون پيدا ڪرڻ جي سازش قرارڏنو ويو.

About Asghar Azad

Check Also

نيٺ طالبان محمد حسن اخوند جي سربراهي ۾ حڪومت جوڙي ورتي

طالبان جي اڳوڻي باني امير ملا عمر جو پٽ  ۽ فوجي آپريشن جو سربراهه ملا …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *