Friday , April 26 2024

روهڙي ۾ ناري سان زيادتي جي ڪوشش ڪندڙ جوابدار سوگهو

روهڙي ۾ ناري سان زيادتي جي ڪوشش ڪندڙ جوابدار سوگهو

سکر (رپورٽر    سنڌسماءَچار) روهڙي ۾ جوابدار پاران ناري سان زيادتي جي ڪوشش، ناري جي رڙين تي فرار ٿي ويل جوابدار کي پوليس ٻڌي ورتو، ڪيس داخل، روهڙي جي مراد شاهه ڪالوني ۾ جوابدار مظهر اعواڻ پاڙيسرڻ شاگردياڻي کي جنسي ڏاڍائي جي ڪوشش ڪئي ته ناري رڙيون ڪري عزت بچائڻ جي ڪوشش ڪئي، سندس رڙين تي گهرڀاتين ۽ پاڙيوارا پهچي ويا، جنهن تي جوابدار ڀڄڻ جي ڪوشش ڪئي، ناري جي وارثن ۽ پاڙيوارن جوابدار مظهر پٽ الطاف اعواڻ کي سوگهو ڪري کيس مارڪٽ ڪرڻ بعد پوليس حوالي ڪري ڇڏيو، روهڙي پوليس ناري جي چاچي جي فرياد تي ڪيس داخل ڪرڻ بعد پوليس جوابدار کي لاڪ اپ ڪري ڇڏيو. جوابدار صحافين کي ٻڌايو ته مٿس ڪوڙو الزام لڳايو ويو آهي هن اهڙي ڪا به حرڪت ناهي ڪئي، ايس ايس پي سکر کي اپيل آهي ته واقعي جي جاچ ڪرائي انصاف ڪيو وڃي.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ جي تاريخي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي زمين تي والار جاري

ٺٽو ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ جي تاريخي ورسي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *