Friday , April 26 2024

حيدرآباد ۾ ٻن ٻارڙين کي پوليو جي تصديق، انگ 58 ٿي ويو

حيدرآباد(سنڌسماءَچار مانيٽرنگ ڊيسڪ) سنڌ ۾ وڌيڪ ٻن ٻارڙين کي پوليو وائرس هجڻ جي تصديق ٿيڻ کانپوءِ سڄي ملڪ ۾ هلندڙ سال پوليو جي مريضن جو انگ وڌي 58 ٿي ويو آهي. صحت کاتي جي اختيارين تصديق ڪندي چيو آهي ته، حيدرآباد جي علائقي هالا ناڪه ۾ 12 مهينن جي نياڻي ميمونا ۽ 12 سالن جي اُمِ رباب کي پوليو وائرس هجڻ جي تصديق ٿي وئي آهي. انگن اکرن موجب حيدرآباد ۾ ظاهر ٿيل ٻن ڪيسن بعد هلندڙ سال سنڌ اندر پوليو ڪيس جو انگ 5 ٿي ويو. پنجاب ۾ به 5 ڪيس ظاهر ٿي چڪا آهن، خيبرپختونخوا ۾ هلندڙ سال پوليو جا 36 ڪيس، قبائلي علائقن ۾ 8 ۽ بلوچستان صوبي ۾ 4 ڪيس ظاهر ٿيا، اهڙي ريت سڄي ملڪ ۾ هلندڙ سال 2019ع دوران پوليو جا 58 ڪيس رپورٽ ٿي چڪا آهن. انگن اکرن موجب گلگت بلتستان ۽ آزاد ڪشمير جي ڪنهن به حصي ۾ ٻن سالن دوران پوليو جو هڪ به ڪيس ظاهر ناهي ٿيو، گلگت بلتستان ۾ 2017 دوران رڳو هڪ ڪيس سامهون آيو هو، 2015 ۽ 2016 ۾ به انهن علائقن ۾ ڪو به ڪيس ظاهر نه ٿيو هو.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ جي تاريخي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي زمين تي والار جاري

ٺٽو ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ جي تاريخي ورسي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *