Friday , April 26 2024

سپريم ڪورٽ ۽ ججز جي سيڪيورٽي تي مقرر اهلڪارن جو ڇا پيو ٿئي؟

اسلام آباد (خاص نمائندو سنڌسماءَچار) سپريم ڪورٽ ۽ ججز جي سيڪيورٽي تي مقرر پوليس اهلڪارن جي ٻيهر جاچ پڙتال شروع ڪئي وئي آهي، ذريعن جو چوڻ آهي ته، اهڙو فيصلو آسيه بي بي ڪيس جي اپيل تي آيل عدالتي فيصلي کانپوءِ ڪيو ويو آهي. ذريعن کان، مليل ڄاڻ مطابق آسيه بي بي ڪيس جي فيصلي کانپوءِ واري پيدا ٿيل صورتحال کانپوءِ فيصلو ڪيو ويو آهي ته، سپريم ڪورٽ ۽ ان جي ججز خاص طور تي آسيه ڪيس جو فيصلو ٻڌائيندڙ سپريم ڪورٽ جي بئنچ ۾ شامل سمورن ججز جي سيڪيورٽي جو جائزو ورتو پيو وڃي. ذريعن جو چوڻ آهي ته سپريم ڪورٽ، ان جي ججن ۽ آسيه ڪيس واري بئنچ جي ججز جي سيڪيورٽي تي مقرر ڪيل سمورن سيڪيورٽي اهلڪارن جي نئين سري سان جاچ پڙتال شروع ڪئي وئي آهي. سپريم ڪورٽ ۾ مقرر ڪيل 239 سڪيورٽي اهلڪارن، چيف جسٽس ۽ ٻين ججن سان ڊيوٽي ڏيندڙ سڪيورٽي اهلڪارن جي اسڪروٽني مڪمل ٿي وئي آهي. سپريم ڪورٽ ۾ مقرر سمورن اهلڪارن جي اسڪروٽني ايندڙ هفتي مڪمل ڪئي ويندي. اهلڪارن کان لکت انٽرويو ۽ سوالنامو ورتو پيو وڃي.پوليس اهلڪارن کان ديني رجحان ۽ گهر وارن بابت سوال ڪيا پيا وڃن. سوالنامي ۾ دهشتگردن خلاف ڪارروائي ۽ اهلڪارن سان فرقي بابت به پڇا ڳاڇا ڪئي پئي وڃي. ڊي آءِ جي وقار چوهاڻ جي سربراهيءَ ۾ 6 رڪني ڪميٽي جوڙي وئي آهي جنهن ۾ اي آءِ جي اسپيشل برانچ، ايس ايس پي سڪيورٽي، ايس پي سپريم ڪورٽ ۽ 2 ماهر نفسيات شامل آهن.اسڪروٽني مڪمل ٿيڻ تي اهلڪارن بابت رپورٽ تيار ڪئي ويندي ۽ شڪي نظر ايندڙ اهلڪارن جي ڊيوٽي تبديل ڪئي ويندي.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ جي تاريخي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي زمين تي والار جاري

ٺٽو ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ جي تاريخي ورسي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *