Friday , April 26 2024

سکر ڊويزن

ڳڙهي خيرو ۾ سُناڻي ۽ ليڙواڻي برادرين ۾ خوني تڪرار جو جرڳو

ڳڙهي خيرو(سنڌ سماءَ چار نيوز)  ويجھو سُناڻي ۽ ليڙواڻي برادرين جي ٻن ڌرين وچ ۾ هلندڙ خوني تڪرار جو جرڳو ضلعي ڪائونسلر جي سرپئينچي هيٺ ٿيو، ٻنهي ڌرين تي  هڪ قتل جو ڏوهه ثابت ٿيڻ تي 27 لک رپيا ڏنڊ مقرر ڪيو ويو. ڳوٺ گل خان ليڙواڻي ۾ سُناڻي ۽ …

Read More »

خانپور مهر واسي پورهيت جي معصوم پٽ چمڙي جي بيماري ۾ مبتلا، والدين علاج ڪرائڻ کان لاچار بڻيل

خانپور مهر (سنڌ سماءَ چار  نيوز) ميراڻي پاڙي جي رهواسي پورهيت محمد حسن ميراڻي جي 4 ورهين جو پٽ چمڙي جي خطرناڪ بيماري ۾ مبتلا ٿي وي آهي، جنهن جو علاج ڪرائڻ باوجود صحت ۾ سڌارو ناهي آيو. پورهيت محمد حسن ميراڻي جي نياڻي جي وارثن چيو آهي ته، نياڻي …

Read More »

سنڌي تنظيمن ۽ ورلڊ سنڌي ڪانگريس متعلق دليپ رتناڻي جي غلط بياني- مير سليم سنائي

(ڪئناڊا  ۾ ” ڪم ڪندڙ ” دليپ رتناڻي صاحب  جو ڪاوش ۾ ليک ڇپيو آهي جنهن جي لفظ ، لفظ مان صاف ظاهر آهي ته هن پرڏيهه ۾ 28 سالن کان سنڌيت جي لاءِ پاڻ پتوڙيندڙ قومي ڪارڪنن سان ڪو ذاتي وير پاڙيو آهي۔ ان جي تفصيل ۾ وڃڻ کان …

Read More »

گهوٽڪي- ڪنڌڪوٽ پل جو نقشو تبديل ڪرڻ خلاف احتجاجي تحريڪ شروع

ڪنڌڪوٽ (ڊسٽرڪٽ رپورٽر سنڌ سماءَ چار) سنڌو درياءَ تي گهوٽڪي-ڪنڌڪوٽ پل ٺاهڻ واري منصوبي جي نقشي / ڊزائن ۾ تبديلي خلاف احتجاجي تحريڪ شروع ڪئي وئي آهي، ” ڪنڌڪوٽ-گهوٽڪي پل بچايو ڪميٽي“ جوڙي احتجاج جي شروعات ڪئي وئي آهي. سياسي سماجي ڪاروباري ۽ سول سوسائٽي اڳواڻن پل جي ڊزائن تبديل …

Read More »

فيض گنج جي اسپتال ۾ عملي ۽ دوائن جي کوٽ خلاف شهرين جو احتجاج

فيض گنج( رپورٽر سنڌسماءَ چار) فيض گنج جي بنيادي صحت مرڪز ۾ ڊاڪٽرن، پيراميڊيڪل اسٽاف ۽ دوائين جي کوٽ سميت ٻين سهولتن جي آن هوند خلاف شهرين ڪامريڊ مرتضيٰ شر، جنيد چانگ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ اسپتال کان احتجاجي ريلي ڪڍي مک چوڪ تي ڌرڻو هني. احتجاج ڪندڙن چيو …

Read More »

فيض گنج: يو سي اڪري چودڳي جي ڪائونسلرن جو چيئرمين خلاف احتجاج

فيض گنج ۾ يونين ڪائونسل اڪري چودڳي جي ٻن ڪائونسلرن دانهيو آهي ته چيئرمين شهر ۾ آفيس قائم ڪرڻ بدران بنگلي کي آفيس ڪري ڇڏيو آهي، جڏهن ته ڏيڍ سال اندر هڪ به ڪم ٿيڻ بدران الائي ڪهڙي مد ۾ 11 مهينن جي 22 لک بجيٽ استعمال ٿي چڪي آهي، …

Read More »

دوڪان کي باهه لڳي وئي لکين رپين جو سامان سڙي رک

دادلغاري (عبدالحنان لغاري سنڌ سماءَچار)  داد لغاري ۾ واپاري جي دڪان کي شارٽ سرڪٽ سبب  دڪان ۾ پيل ڦٽين کي باھ لڳي وئي پنج مڻ ڦٽي سڙي ويون ماڻھن پهچي پنهنجي مدد پاڻ تحت باھ وسائي. دادلغاري ٽيڪي اسٽينڊ ويجهو واپاري سيٺ انيڪل ڪمار جي ڦٽين واري دڪان ۾ بجلي …

Read More »

گهوٽڪي جي داد لغاري شهر ۽ ڀرپاسي ۾ نقلي زرعي دوائن ۽ ٻج جو وڪرو،آبادگار پريشان

داد لغاري (عبدالحنان لغاري سنڌسماءَچار) دادلغاري ۾ نقل ٻج ۽ زرعي دوائن جي وڪري جي شڪايتن تي ايگريڪلچر عملدار پهتا مگر ڪنهن به دڪاندار يا سيٺ خلاف ايڪشن ڪرڻ بجاء شهنواز شيخ ڳري رشوت عيوض خاموش ٿي واپس روانو دڪانن تي ڇاپن دوران صحافين جي ٽيم پهتي ته ايگريڪلچر کاتي …

Read More »

ايس ڊي او سيپڪو ڏهرڪي جي مبينا زيادتين خلاف علائقي واسين جو احتجاج

گهوٽڪي (زوهيب ڪمال پٺاڻ – سنڌسماءَچار) سيپڪو ڏهرڪي جي  ايس ڊي او خلاف علائقي واسين دانهيدي چيو آهي ته، بااثر ماڻهن کي بجلي چوري جي سهولت ڏئي عام ماڻهن لاءِ آزار ڪيو ويو آهي. ڏهرڪي جي ڀٽا پاڙي، ڪنڀرپاڙي، شيخ ۽ ڏهر پاڙي جي رهواسين ايس ڊي او ارشاد سيال …

Read More »

گهوٽڪي: جنسي ڏااڍئي جو نشانو بڻيل ناري جي وارثن تي راڄوڻي لاءِ زور،قتل جون ڌمڪيون

گهوٽڪي (عرفان علي سومرو – سنڌسماءَچار) گهوٽڪي جي ڳوٺ وريام چاچڙ جي رهواسڻ ناري سان جنسي ڏاڍائي ڪندڙ بااثر جوابدارن جي سهولتڪارن پاران معاملو راڄوڻي ذريعي حل ڪرڻ لاءِ دٻاءُ وڌو پيو وڃي، وارثن جو چوڻ آهي ته ڪيس تان راڄوڻي ڪري هٿ کڻڻ جي صورت ۾ سخت نتيجا ڀوڳڻ …

Read More »