Saturday , April 27 2024

ڪراچي سيف سٽي منصوبو نيب جي مداخلت سبب رولڙي ۾ پيل آهي:سنڌ حڪومت

ڪراچي(رپوٽر     سنڌسماءَچار) سنڌ حڪومت ايپيڪس ڪميٽي جي اجلاس ۾ دعويٰ ڪئي آهي ته، ڪراچي ۾ سيف سٽي وارو منصوبو نيب جي مداخلت سبب رولڙي جي ورچڙهيل آهي، وڏي وزير مراد علي شاهه چيو آهي ته، سيف سٽين منصوبو مونکي هرحالت ۾ مڪمل ڪرڻو آهي، ان لاءِ ان کي ٻيهر پروسيس ڪيو وڃي. خميس ڏينهن سنڌ ايپيڪس ڪميٽي جي ٿيل اجلاس ۾ سيف سٽي پرجيڪٽ بابت خدشن جو اظهار ڪيو ويو. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته، منصوبي ۾ نيب جي مداخلت سبب منصوبو رولڙي جو شۡار ٿيو آهي. اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو، سيف سٽي منصوبي واري معاملي تي نيب کي اعتماد ۾ وٺي ان منصوبي کي ٻيهر شروع ڪيو وڃي. اجلاس ۾ مدرس بابت قانون، ڪراچي سيف سٽي منصوبي، سائبر ڪرائم، اي ٽي اي تحت ڊيٽينشن پاورز، اسٽريٽ ڪرائم ڪيسز، لينڊ گريبر وارن مامرن، بينڪن جي سڪيورٽي، موٽرسائيڪلن ۾ ٽريڪرز جي انسٽاليشن، درگاهن جي سڪيورٽي آڊٽ، معياري رجسٽريشن نمبر پليٽس، ڪچي آبادين وارن علائقن ۾ آپريشن تي ايجنڊا شامل هئا. آءِ جي پوليس ۽ گهرو سيڪريٽري مدرسن بابت قانون جي مسودي تي اجلاس کي آگاهي ڏني.

اجلاس کي ٻڌايو ويو ته اهو مدرسن وارو قانون آءِ جي پوليس بڻايو آهي، وفاقي حڪومت به ان تي قانونسازي ڪري رهي آهي پر اڃا تائين ڪا اڳڀرائي ناهي ڪئي وئي. وڏي وزير ايڊووڪيٽ جنرل ضمير گهمري کي وفاقي حڪومت سان ڳالهائڻ جي هدايت ڪندي چيو ته اسان وفاقي حڪومت کي اختيار ڏئي سگهون ٿا ته اهي مدرسن تي قانونسازي ڪن. گهرو وزير چيو ته وفاقي حڪومت مدرسن ۾ سڌارن بابت هڪ ٻه ڀيرا اجلاس گهرايا هئا پر اجلاس نه ٿي سگهيا. وڏي وزير صوبائي گهرو وزير کي چيو ته اوهان وفاقي گهرو وزارت کي ٻڌايو ته مدرسن جي سڌارن تي اپيڪس ڪميٽيءَ دير ڪرڻ تي خدشن جو اظهار ڪيو آهي ۽ ان مسئلي کي فوري طور تي حل وڃي. وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته سائبر قانون جي حوالي سان ڊسمبر 2017ع تي اسان وفاق کي خط لکيو هو، اسان وفاق کي چيو هو ته ڊيٽا شيئرنگ جو معاملو سنڌ پوليس سان ڪيو وڃي. هن چيو ته مان وفاق کي ٻه خط لکيا پر ڪابه مثبت موٽ نه ملي. اي ٽي اي تحت ڊيٽينشن پاورز قانون جي مسودي بابت اپيڪس ڪميٽي اجلاس ۾ تجويز ڏني وئي ته رينجرز کي ڊيٽينشن جا اختيار ڏنا وڃن ۽ ان حوالي سان قانونسازي ڪئي وڃي. وڏي وزير اها تجويز سنڌ ڪابينا ۾ آڻڻ جي هدايت ڪئي.

اپيڪس ڪميٽيءَ جو اجلاس اڄ اڱاري ڏينهن وزيراعليٰ هائوس جي ڪانفرنس روم ۾ سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ منعقد ٿيو. اجلاس ۾ صوبائي گهرو وزير سهيل انور سيال، سڌسماءَ وارو وزير سيد ناصر حسين شاهه، قانون وارو وزير ضياءُالحسن لنجار، چيف سيڪريٽري سنڌ رضوان ميمڻ، ڪورڪمانڊر ڪراچي، ڊي جي رينجرز ميجر جنرل محمد سعيد، وڏي وزير جو پرنسپل سيڪريٽري سهيل راجپوت، ايڊووڪيٽ جنرل ضمير گهمرو، انسپيڪٽر جنرل پوليس سنڌ اي ڊي خواجا، صوبائي گهرو سيڪريٽري قاضي شاهد پرويز، ڊائريڪٽر ايف آءِ اي منير شيخ، قائم مقام پروجيڪٽ ڊائريڪٽر سليم ٻرڙو، قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جا سربراهن ۽ لاڳاپيل عملدران شرڪت ڪئي.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ جي تاريخي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي زمين تي والار جاري

ٺٽو ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ جي تاريخي ورسي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *