Saturday , April 27 2024

هزار خان بجاراڻي جو مڙهه ڪرمپور ۽ فريحا رزاق کي ڪراچي ۾ مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويندو

ڪراچي( اصغر آزاد    سنڌسماءَچار)  سينئر سياستدان ۽ صوبائي وزير ميهر هزار خان بجاراڻي جو مڙهه سکر ايئرپورٽ کان ڪرمپور پهچايو ويو آهي، جتي جمعي جي نماز کانپوءِ جنازي نماز بعد مڙهه مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويندو؛ سندس گهرواري فريحا رزاق کي ڪراچي ۾ مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويندو. هزار خان جو مڙهه هليڪاپٽر ذريعي ڪراچي کان سکر ايئر پورٽ پهچايو ويو.

ڪراچي جي ڊفينس جي گهر مان مير هزار خان بجاراڻي ۽ سندس گهر واري فريحا رزاق جا هٿ آيل لاش پوسٽ مارٽم بعد وارثن جي حوالي ڪيا ويا. مير هزار خان جو مڙهه وارث هيليڪاپٽر ذريعي مڙهه سکر کڻائي ويا جتان ايمبولينس ذريعي مڙهه سندس اباڻي ڳوٺ ڪرمپور پهچايو ويو آهي. جتي اڳ ئي سندس تڏو وڇايو ويو هو. مير هزار خان بجاراڻي جو مڙهه اباڻي ڳوٺ پهچڻ تي ماحول سوڳوار ٿي ويو. مير هزار خان بجاراڻي جي اڄ جمعي ڏينهن؛ جمعي جي نماز کانپوءِ جنازي نماز ادا ڪئي ويندي. جنازي نماز کانپوءِ هزار خان بجاراڻي جو مڙهه مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويندو.

مير هزار خان بجاراڻي سان گڏ گولي لڳل هٿ آيل سندس گهر واري جو لاش پوسٽ مارٽم بعد سندس گهر ڀاتين جي حوالي ڪيو ويو. فريحا جي وارثن سندس مڙهه جناح اسپتال مان کڻائي پي اين ايس شفاءَ منتقل ڪيو. فريحا رزاق جومڙهه به اڄ جمعي جي نماز بعد جنازي نماز ادا ڪري ڊفينس جي گذري قبرستان ۾ دفنايو ويندو.

لاڳاپيل خبر

http://www.sindhsamaachar.com/2018/02/02/%D9%87%D8%B2%D8%A7%D8%B1-%D8%AE%D8%

هزار خان بجاراڻي کي هڪ ۽ فريحا کي 3 گوليون لڳل هيون: ڊائريڪٽر جناح اسپتال سيمي جمالي

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ جي تاريخي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي زمين تي والار جاري

ٺٽو ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ جي تاريخي ورسي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي …