Saturday , April 27 2024

سنڌ پوليس قتل ڪيس ۾ نامزد پ پ ايم پي اي کي گرفتار ڪرڻ کان لنوائڻ لڳي،وارثن جو احتجاج

دادو ( خاص نمائندو     سنڌ سماءَ چار) دادو پوليس 3 ڄڻن جي قتل ڪيس ۾ نامزد جوابدار پ پ ايم پي اي سردار چانڊيو، سندس ڀاءُ برهان چانڊيو سميت 7 جوابدارن مان هڪ جوابدار کي به گرفتار ڪرڻ کان لنوائڻ لڳي آهي. ڊي آءِ جي حيدر آباد جاويد عالم اوڍو چيو آهي ته،جوابدارن جي ڳولا ۾ لڳا پيا آهيون. مارجي ويلن جي وارثن پاران مرحلي وار احتجاجي تحريڪ شروع ڪري ڇڏي آهي. سڀاڻي 23 جنوري تي ڪراچي ۽ اسلام آباد ۾ احتجاجي مظاهرن جو اعلان.

قتل ڪيس ۾ نامزد پ پ ايم پي اي سردار چانڊيو

ميهڙ ۾ 5 ڏينهن اڳ قتل ٿيل يوسي چيئرمين  ۽ سندس ٻن پٽن جي قتل ڪيس ۾ نامزد 7 جوابدار گرفتار نه ٿيڻ خلاف مقتولن جي وارثن پاران اڄ ٻي ڏينهن به احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هڻي جوابدارن جي گرفتاري لاءِ نعريبازي ڪئي. 5 ڏينهن اڳ قتل ٿيل يوسي چيئرمين ڪرم الله چانڊيو ۽ سندس ٻن پٽن قابل چانڊيو ۽ مختيار چانڊيو جا قاتل گرفتار نه ٿيڻ خلاف وارثن احتجاجي ريلي ڪڍي پريس ڪلب آڏو مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو. احتجاج ڪندڙن چيو ته 5 ڏينهن گزرڻ باوجود پوليس هڪ به جوابدار گرفتار نه ڪري سگهي آهي،۽کين ڪيس تان هٿ کڻڻ لاءِ بااثرن پاران ڌمڪيون ڏنيون پيون وڃن. هنن چيو ته ڪيس ۾ نامزد پ پ ايم پي اي سردار چانڊيو ۽ سندس ڀاءُ برهان چانڊيو ۽ ٻياجوابدار بااثر هئڻ سبب پوليس انهن ۾ هٿ نه پئي وجهي. وارثن چتاءُ ڏيندي چيو ته جوابدارن جي گرفتاري تائين ڌرڻو جاري رهندو.

هنن چيو ته پوليس بااثر جوابدارن کي گرفتار ڪرڻ لاءِ هن وقت تائين ڪک ڀڃي ٻيڻو ناهي ڪيو. ڪرم الله چانڊيو ۽ سندس ٻن پٽن جا قاتل اڄ به اسان کي موتمار ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن ۽ اسان جو پيڇو ڪيو پيو وڃي. هنن چيو ته پوليس روايتي حربا استعمال ڪري ڪيس ۾ نامزد جوابدارن کانسواءِ عام ماڻهن کي تنگ ڪرڻ شروع ڪيو آهي، جيڪا ڳالهه ڪنهن به صوپرت ۾ برداشت جوڳي ناهي. هنن چيوته جيڪڏهن پوليس جوابدار گرفتار نه ٿي ڪري سگهي ته پوءِ ايس ايس پي کي عهدو ڇڏي ڏيڻ گهرجي. ٻي طرف ڪرم الله ۽ سندس ٻن پٽن جي قتل ڪيس ۾ نامزد جوابدارن جي گرفتاري لاءِ 23 هين جنوري اڱاري ڏينهن ڪراچي ۽ اسلام آٻاد ۾ احتجاجي مظاهرن جو اعلان ڪيو ويو آهي.  ڊي آءِ جي حيدر آباد جاويد عالم اوڍو جو چوڻ آهي ته پهرين ترجيح جوابدارن کي گرفتار ڪرڻ آهي، سياسي اثر رسوخ کان بچڻ لاءِ جاچ ايس ايس پي حيدر آباد حوالي ڪئي وئي آهي.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ جي تاريخي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي زمين تي والار جاري

ٺٽو ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ جي تاريخي ورسي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *