Friday , April 26 2024

تبديلي پسند پارٽي سياسي سرگرميون تيز ڪري ڇڏيون، سکر ۾ جلسو

سکر( سنڌسماءَچار   مانيٽرن گ ڊيسڪ) تبديلي پسند پارٽي / ٽي پي پي پنهنجون سياسي سرگرميون تيز ڪري ڇڏيون آهن سکر جي لُڪس پارڪ ۾ جلسو ڪري سکر شهر جي سياست ۾ هلچل مچائي ڇڏي آهي، جلسي کي خطاب ڪندي تبديلي پسند پارٽي جي سرواڻ علي قاضي چيو آهي ته اليڪشن واري ڏينهن سنڌ جي ماڻهن کي سُستي ڇڏڻي پوندي، چونڊن وارو ڏينهن سنڌ واسين کي تبديلي وارو ڏينهن ڪري ملهائڻو ۽ ڀوتارڪي سياست کي خير آباد چوڻو پوندو. اهڙو اظهار  هن سکر  جي لُڪَس پارڪ ۾ وڏي عوامي ميڙاڪي کي خطاب ڪندي ڪيو. خبرون اِهي ٿا ٻڌون ته هڪڙن جو ڪيس ختم، ٻئي جي نااهلي نه ٿي، بيان ٿا پڙهون ته هي اتحاد ٺهيو، هو اتحاد ٺهيو، پر اِن سان عوام جي زندگي ۾ ڪهڙي تبديلي پئي اچي؟  ڇا اِن سان ماءُ  کي ٻچڙي جو علاج ملي ويندو؟ ڇا ٻارن جي تعليم جو بندوبست ٿي ويندو؟ نساسڪ اربين روپيا ورتا اُن جو ڪو حساب ٿي سگهندو؟

علي قاضي چيو ته سنڌ ۾  50 کان 60 لک ماڻهو ڪاري ڪامڻ سبب مرڻ ڪنڌي تي آهن اُنهن جو علاج نه پيو ٿئي، سکر ۽ سنڌ جي ٻين شهرن جا روڊ نٿا ٺهن، ڀوتارڪي ذهنيت وارا پنهنجي سياست ڪن ٿا، اُهي عام ماڻهن جي زندگي ۾ ڪو به ڦيرو نٿا چاهين. اقتدار  ۾ ويٺل يا اقتدار جو انتظار ڪندڙ رڳو ٻَڌرائڻ ۽ ڇڏرائڻ جي سياست ڪن ٿا، هتي عوام جي ريت نه پر ڀوتارڪي ريت هلي ٿي، جمهوريت عوام جي خدمت آهي پر هي ڀوتارڪي ڪن ٿا. هن چيو ته عام ماڻهو وٽن ڏهاڪن کان يرغمال آهي پر مان ماڻهن جي زندگيءَ ۾ تبديلي آڻڻ واري سياست لاءِ نڪتو آهيان، هو نفرت کي وڪڻي رهيا آهن پر اسين محبت کڻي نڪتا آهيون ۽ سياست جو رُخ مٽائڻ چاهيون ٿا. ٽي پي پي جي سربراهه جو چوڻ هو ته، اسان داداگيري، جاگيرداري، پوليس گردي جو خاتمو چاهيون ٿا،  جيڪڏهن  سنڌ جي ماڻهن تبديلي لاءِ فيصلو نه ڪيو ته ٻيا وڌيڪ ويڌن ڪندا،  اِن ڪري اليڪشن جو ڏينهن تبديلي وارو ڏينهن ڪري ملهائجي ۽ 420 ڀوتارن کي هڪ ئي ڌڪ ۾ هارائي ڇڏجي. اِن موقعي تي تبديلي پسند اڳواڻن محبوب سومرو، حاجي وزير  علي مهر، غلام حسن چاچڙ، وسيم احمد عباسي ۽ ٻين  خطاب ڪيو. جڏهن ته اڳوڻي تعلقه نائب ناظم سکر رضوان صديقي، وسيم احمد عباسي ۽ ٻين پنهنجي ساٿين سميت تبديلي پسند پارٽي ۾ شموليت جو  اعلان ڪيو. اِن کان اڳ تبديلي پسند پارٽي جو  قافلو علي قاضي جي اڳواڻي ۾ پنڊال ۾ پهتو ته سندن ڀرپور آجيان ڪئي وئي.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ جي تاريخي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي زمين تي والار جاري

ٺٽو ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ جي تاريخي ورسي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *