Friday , April 26 2024

اهم مسئلو سنڌ واسين کي گٽرن جو گند مليل پاڻي مهيا ٿيڻ نه پر اي ڊي خواجا جي تبديلي–سنڌ ڪابينا آءِ جي کي تبديل ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي

ڪراچي(اصغر آزاد – سنڌ سماءَ چار) سنڌ ڪابينا انسپيلڪٽر جنرل سنڌ پوليس الهه ڏنو خواجا کي هٽائي 22 هين گريڊ جي عبدالمجيد دستي کي نئون آءِ جي مقرر ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. سنڌ ڪابينا جي اجلاس ۾ سنڌ واسين کي گٽرن جو گند مليل پاڻي مهيا ڪرڻ جي خاتمي ۽ صاف پاڻي مهيا ڪرڻ جو معاملو ايجنڊا ۾ شامل ئي نه رهيو.

سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ ٿيل سنڌ ڪابينا جي اجلاس ۾ ٻين ايجنڊائن سان گڏ سڀ کان پهريان ان اجينڊا تي غور ڪيو ويو ته آءِ جي سنڌ اي ڊي خواجا کي ڪيئن هٽايو وڃي. ايجنڊا تي غور ڪرڻ بعد فيصلو ڪيو ويو آهي ته، آءِ جي سنڌ پوليس جي 22 هين گريڊ جي آفيسر کي هجڻ گهرجي. ان لاءِ اي ڊي خواجا موزون آفيسر ناهي ڇو ته، اي ڊي خواجا 21 هين گريڊ جو آفيسر آهي.

ان سلسلي ۾ سنڌسماءَچار کي مليل ڄاڻ موجب سنڌ ڪابينا جي جي هڪ ميمبر ۽ فرصال ٽالپر جي انتهائي ويجهو سمجهيو ويندڙ وزير جي تجويز تي ايجنڊا ۾ شامل اسمن کي پوئتي رکي سڀ کان اول آءِ جي سنڌ جي تبديلي ۽ پوليس سڌارن وارين تجويزن تي غور ڪرڻ جو مشورو ڏنو ويو، جنهن تي وڏي وزير جي خواهش جي باوجود ٻين ايجنڊائن کي پوئتي رکي آءِ جي واري معاملي تي ويچاريو ويو.  سنڌ ڪابينا ”غور ويچار“ کانپوءِ ان نتيجي تي پهتي ته اي ڊي خواجا کي عهدي تان هٽائڻو ئي آهي.تجويز موجب آءِ جي سنڌ جي عهدي لاءِ 22 گريڊ جو پوليس آفيسر هجڻ ضروري آهي ۽ ان لاءِ  سردار مجيد دستي جيئن ته 22 هين گريڊ جو به آهي انڪلري آءِ جي سنڌ جي عهدي لاءِ  سردار عبدالمجيد دستي کان وڌيڪ ڪو ٻيو آفيسر آءِ جي سنڌجي عهدي لاءِ بهتر نه ٿيند. ان جي وڏي  خوبي اها به آهي هوو آصف زرداري ۽ فريال ٽالپر جو به اعتماد وارو آفيسر آهي.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ جي تاريخي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي زمين تي والار جاري

ٺٽو ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ جي تاريخي ورسي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *