Friday , April 26 2024

آغا سراج دراني معتبر ماڻهو آهي-ڪجهه به نه چيو اٿس سندس چيل ڳالهه کي اجايو اشو بڻايو ويو: مراد علي شاهه

هالا(سنڌسماءَچار نيوز) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته، آغا سراج دراني ڪا اهڙي ڳالهه ناهي ڪئي، جو سوشل ميڊيا ۽ بعد ۾ ميڊيا ان کي ايڏو وڏو اشو ڪري پيش ڪري رهي آهي. سيد مراد علي شاهه اهڙو اظهار هالا ۾ صوبائي وزير مخدوم جميل الزمان سان سندس امڙ جي فوتگي تي عذر خواهي ڪرڻ بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو.

وڏي وزير مراد علي شاهه صحافين پاران اسپيڪر جي منظر تي آيل وڊيو ۽ ان ۾ ووٽن ۽ ووٽرز جي تذليل ڪرڻ بابت پڇيل سوال جو جواب ڏيندي چيو ته ” آغا سراج دران معتبر ماڻهو آهي،  شڪارپور ۾ ڳوٺ جمعو خان گوپانگ مان ان کي چڱيءَ طرح سڃاڻا ٿو“. وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جو وڌيڪ چوڻ هو ته، ” آغا سراج دراني سنڌ اسيمبلي جو بهترين اسپيڪر آهي، هُو سڀني ايم پي ايز سان سٺو رويو رکندو آهي حڪومتي ميمبر ته ڇا پر مخالف ڌر جا ايم پي ايز به آغا صاحب جي تعريف ڪندا آهن“.

مراد علي شاهه صحافين کي مخاطب ٿيندي چيو ته، ” هي اوهان ڪهڙي قسم جا سوال پڇي رهيا آهيو، امن امان بابت پڇو، ڪراچي ۾ عورتن تي حملا ڪندڙ جوابدار بابت پڇو؟“.

.اسپيڪر سنڌ اسيمبلي آغا سراج دران چيو ڇا هئو…؟

ڪجهه ڏينهن اڳ سوشل ميڊيا ذريعي آغا سراج دراني جي منظر تي آيل وڊيو سماجي ويب سائيٽس بعد ٽي وي چئنلز ۽ پرنٽ ميڊيا ۾ هلچل مچائي ڇڏي آهي. آغا سراج دراني پنهنجي تڪ پي ايس 9 شڪارپور هڪ جي ووٽرز مان هڪ وٽ عذر خواهي لاءِ ويل هو. آغا سراج دران ان ووٽر جي شڪايتن ڪرڻ تي کيس چيو ته ، ” مان ووٽ کي ……. ڪندو آهيان…مان ووٽن کي …….ڪيان..“

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ جي تاريخي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي زمين تي والار جاري

ٺٽو ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ جي تاريخي ورسي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *