Saturday , April 27 2024

پ پ حڪومت ۾ ڀرتي ڪري وري برطرف ڪيل استادن جو احتجاج، پوليس مٿن ڪڙڪي پئي

Nasir Shah sukuuerPir Mazhar

تعليم کاتي جي اڳوڻي صوبائي وزير پير مظهارالحق جي دور ۾ ڀرتي ڪيل سنڌي لئنگويج ٽيچرز سميت 6 هازارن کان وڌيڪ استادن جو برطرفين خلاف ڪراچي پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو، پوليس احتجاج ڪندڙن مٿان ڪڙڪي پئي واٽر ڪينن جي استعمال ۽ لٺبازي دوران ڪيترن ئي احتجاج ڪندڙن لٽا ليڙون ليڙون ٿي ويا. صوبائي وزير ناصر شاهه دعويٰ ڪئي آهي ته احتجاج ڪندڙن جا مسئلا حل ڪيا ويندا.

PPP vote

پاڪستان پيپلز پارٽي جي گذريل سنڌ حڪومت ۾ تڏهوڪي تعليم واري وزير پيرمظهرالحق جي دور ۾ ڀرتي ڪيل استادن کي غيرقانوني قرار ڏئي نيڪالي نيڪالي ڏنل متاثرن ڪراچي پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪري 4 ڪلاڪن بعد سي ايم هائوس طرف مارچ شروع ڪيو. برطرف استادن جيئن مارچ شروع ڪيو ته پوليس کين سي ايم هائوس طرف ويندي ڦوهارا چوڪ پهچڻ کان پهريان ئي مٿن لاٺي چارج شروع ڪري ڏني. لاٺي چارج باوجود احتجاج ڪندڙ اڳتي وڌيا ته پوليس کين ڀڄائڻ لاءِ مٿن واٽر ڪينن جو استعمال شروع ڪري ڏنو. ان دوران پوليس ڪيترن ئي برطرف ڪيل استادن کي حراست ۾ وٺي ڇڏيو. پوليس جي لاٺي چارج سبب ڪجهه دير لاءِ ڇڙوڇڙ ٿي ويل استاد ٻيهر پريس ڪلب آڏو گڏ ٿي ويا.

teachers-protest 01

ان سلسلي ۾ سنڌسماءَچار پاران گڏ ڪيل معلومات موجب پاڪستان پيپلز پارٽي جي گذريل صوبائي حڪومت دوران 2012 جي آخري 6 مهين دوران، تعليم کاتي جي تڏهوڪي وزير پير مظهر الحق پاران تعليم کاتي ۾ سنڌي لئنگيوج ٽيچرز سميت مختلف ڪيڊرز ۾ ڀرتي ڪيل 6 هزارن کان وڌيڪ استادن کي وري 2016 ۽ 2017 دوران مختلف سبب ڄاڻائي نوڪرين مان نيڪالي ڏني وئي. نوڪرين مان نيڪالي ڏنل انهن استادن اڱاري ڏينهن ظهير بلوچ ، ابوبڪر ابڙو، مير زمان، محمد اسلم  ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ڪراچي پريس ڪلب آڏو گڏ ٿي احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو. پوليس اهلڪار احتجاج ڪندڙ عورت ۽ مردن تي تشدد ڪرڻ کانپوءِ 8 کان وڌيڪ ماڻهن کي حراست ۾ ورتو جن کي بعد ۾ آزاد ڪيو ويو. ان موقعي تي زاهد بلوچ، ابوبڪر ابڙو، محمد اسلم برفت ۽ ٻين ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته پيپلز پارٽي جي موجوده سنڌ حڪومت اٽي، لٽي ۽ اجهي واري نعري تان ڦري وئي آهي، اها هاڻي اٽو، لٽو ۽ اجهو ڏيڻ بدران کسي رهي آهي. هنن چيو ته پرامن احتجاج ڪرڻ تي لٺيون وسايون ويون، عورتن تي به تشدد ڪيو ويو، هنن مطالبو ڪيو کين پگهارون ڏئي نوٽيفيڪشن جاري ڪري پڪو ڪيو وڃي، ان وقت تائين احتجاج جاري رهندو، جڏهن ته متاثر ملازمن جي وفد سان ايڊيشنل سيڪريٽري اسدالله ابڙي ڳالهيون ڪيون، جيڪي ناڪام ٿي ويون. جنهن بعد سڌ سماءَ واري واري کاتي صوبائي وزير سيد ناصر حسين شاهه پهچي ڳالهيون ڪيون، جنهن ملازمن سان ڳالهائيندي چيو ته پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري معاملي جو نوٽيس ورتو آهي، اوهان سان انصاف ٿيندو، ملازمن جي اڳواڻن جي وفد کي اڄ ڳالهين لاءِ صوبائي وزير ناصر شاهه پنهنجي آفيس گهرايو آهي، جتي ڳالهين ۾ تعليم کاتي جا عملدار ۾ شريڪ ٿيندا.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ جي تاريخي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي زمين تي والار جاري

ٺٽو ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ جي تاريخي ورسي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *