Saturday , April 27 2024

نذير عباسي جسماني طور کسيو ويو، شهيد جو نظريو ۽ فڪر زندهه رهندو:ڄام ساقي/تاج مري/ڪامريڊ سهتو

nazir abbasir 02ڪراچي: شهيد نذير عباسي جي نظرياتي ساٿين کيس زبردست ڀيٽا پيش ڪندي چيو آهي ته شهيد نذير عباسي جسماني طور تي کسيو ويو آهي، پر سندس نظريو ۽ فڪر اڄ به زنده آهي ۽ هميشه زنده رهندو،شهيد نذيرپورهيتن، هارين ۽ مزدورن سان گڏ رهندڙ اڳواڻ هو، هو وڏي اهميت رکندڙ ليڊر هو، سندس شهادت تي اسان کيس سرخ سلام پيش ڪيون ٿا. ڪامريڊ شهيد نذير عباسي جي ساٿي ڪامريڊ ڄام ساقي چيو آهي ته شهيد نذير عباسي هيٺين طبقي جي غربب پورهيت ماڻهن جو عاشق هو، انهن پورهيتن کي پنهنجن حقن بابت انقلابي ڳالهيون چرچن ۽ ڀوڳن ۾ سمجهائي ويندو هو. شهيد نذير عباسي هارين ۽ مزدورن سان سندن ئي عام زبان ۾ سوشلزم، ڪميونزم جي نظريي ۽ فڪر کي سمجهائي ويندو هو، شهيد نذير عباسي جون چرچن ۽ ڀوڳن ۾ ڪيل انقلابي ڳالهيون هارين ۽ مزدورن کي آساني سان سمجهه ۾ اچي وينديون هيون. هن چيو ته شهيد نذير عباسي اهو سمجهندو هو ته ان دور ۾ پريس تي پابنديون هيون، ماڻهن تائين ڳالهه پهچائڻ جو واحد طريقو هاري ۽ مزدور طبقي سان گڏ رهڻ آهي ان ڪري شهيد نذير عباسي پورهيتن ۽ هارين سان  گڏ هوندو هو، ڪامريڊ ڄام ساقي چيو ته شهيد نذير عباسي انتهائي ذهين هوشيار ۽ محتاط قسم جو انسان هو، ان جو اندازو ان ڳالهه مان لڳائي سگهجي ٿو ته روپوشي وارن ڏهاڙن ۾ آئون ۽ شهيد نذير عباسي حيدرآباد کان بس ذريعي ٽنڊي الهيار پئي وياسين ته شايد ٽنڊي ڄام يا ان کان اڳتي هڪ مسڪين ڪولهي هاري بس ۾ چڙهيو ۽ اسان جي ڀرسان اچي بيٺو. اهو هاري بيمار هو، سخت بخار سبب سندس جسم ڏڪي رهيو هو، مون اٿي ان ڪولهي کي پنهنجي سيٽ تي ويهاريو، سفر پورو ٿيڻ بعد جڏهن ٽنڊي الهيار پهتاسين ۽ بس مان هيٺ لٿاسين ته شهيد نذير عباسي مون کي چيو ته تنهنجي ان انداز ۽ هڪ پورهيت سان همدردي سان ماڻهن کي پڪ ٿي ويندي ته اهو ڪو عام ماڻهو نه آهي. ان ڪري ٿورو محتاط رهڻو پوندو. هن چيو ته ڪامريڊ شهيد نذير عباسي کي ٽارچر ڪري شهيد ڪيو ويو، تارچر سيل جي شهادت جي خاص ڳالهه اها آهي ته ٽارچر دوران جسم جي طاقت ختم ٿي وڃي ٿي، ڇو ته انسان جي جسم جي طاقت محدود هجي ٿي، پر حوصلو لامحدود هوندو آهي، جيڪو انسان کي طاقتور بڻائي ڇڏي ٿو، جنهن ڪري خيال ۽ نظريو هميشه لاءِ فاتح بڻجي وڃي ٿو، جسم کي ته ختم ڪري سگهجي ٿو. خيال ۽ نظريو ختم نٿو ٿي سگهجي، رياستي ادارن نذير عباسي کي جسماني طور ته ماري ڇڏيو، پر نذير عباسي کي هو خيال ۽ فڪري طور تي ماري نٿا سگهن، هو فڪري طور تي زنده آهي ۽ هميشه زنده رهندو.

nazir abbasir 06nazir abbasir 05

ڪامريڊ غلام رسول سهتو چيو ته نذير عباسي پورهيت ۽ هاري دوست اڳواڻ هو، هو هارين ۽ مزدورن سان پهرين ڪچهري ۾ ايترو رلي ملي ويندو هو جو هاري ۽ مزدور کيس پنهنجي گهر جو ڀاتي سمجهندا هئا، نذير عباسي پورهيتن، هارين ۽ مزدورن سان محبت ڪندو هو. هن چيو ته نذير عباسي شاگرد اڳواڻ گهٽ پورهيت اڳواڻ وڌيڪ هو، هو ڏيکاءَ واري زندگي گذارڻ بجاءِ سادگي سان زندگي گذاريندو هو، ان ۾ هڪ عاشق ۽ ملنگ وارا سڀ فن هوندا هئا. هن چيو ته نذير عباسي ۾ حسينيت وارو عشق منتقل ٿيو هو، جنهن ڪري هو شهادت ماڻي ويو، هن ۾ عوام کي شعوري طور بالغ ڪرڻ ۽ پنهنجو ڪرڻ وارا سمورا ڳڻ شامل هئا. شهيد نذير پنهنجي ڳالهه اهڙي انداز سان پيش ڪندو هو جو ماڻهو سندس مڪمل ڳالهه ٻڌندا هئا. نذير عباسي سوشلزم ۽ طبقن بابت خوبصورت انداز سان سمجهائيندو هو. هن چيو ته هو جڏهن نذير عباسي سان گڏ ڪچهرين ۾ ويندو هو ته نذير عباسي کيس سڄي رات ڳالهائڻ نه ڏيندو هو، نذير ڳالهائيندو رهندو هو ۽ ڪامريڊ ساٿي ٻڌندا رهندا هئا، صبح ٿي ويندو هو، پر هڪ به ماڻهو ڪچهريءَ مان اٿي نه ويندو هو. غلام رسول سهتو چيو ته اڄ جي سياست بابت حقيقي طور تي کيس ڪا خبر نٿي پوي، عوام ۾ ڪو اڳواڻ وڃي ئي نٿو، عوام سان ڪچهريون نه ٿيون ڪيون وڃن. ظالمن خلاف نفرت ڪو به نٿو پکيڙي، سندس سامهون اهڙي ڪا به قدآور شخصيت سامهون نٿي اچي، جيڪا نذير عباسي جيان عوام ۾ وڃي ماڻهن جا ڏک سور ٻڌي ۽ انهن جو ساٿي بڻجي. ڪامريڊ تاج مري چيو ته نذير عباسي سندن محبوب اڳواڻ، ساٿي ۽ رهبر هو، نذير عباسي جي شخصيت جا مختلف پاسا آهن، هو ذاتي زندگي ۾ ڏاڍو پيارو دوست، کلڻو ملڻو، ڀوڳ چرچا ڪندڙ ۽ تمام گهڻو خوش مزاج قسم جو انسان هو ۽ نظرياتي طور  پختو ۽ پڙهندڙ انسان هو، هن کي مارڪسزم بابت تمام گهڻي ڄاڻ هئي، هو پاڻ به پڙهيو ۽ ٻين کي به پڙهائيندو رهندو هو. هن چيو ته نذير عباسي پارٽي ۾ تمام گهڻو ڊسيپلين جو قائل هو، ان حد تائين ڊسيپلين رکندو هو جو پارٽي جي گڏجاڻين ۾ ساٿين مٿان ايڏي سخت  تنقيد ڪندو هو جو کوڙ سارا دوست روئي پوندا هئا. هن ٻڌايو ته نذير عباسي، نوابشاهه  واري هڪ ميٽنگ ۾ مٿس ايتري زوردار تنقيد ڪئي جو کيس تمام گهڻو ڏک ٿيو ۽ اکين مان ڳوڙها وهي آيا، هو ڪنهن به قسم جي رعايت نه ڪندو هو، پر ذاتي زندگي ۾ زبردست ماڻهو هو، کلڻ ڳالهائڻ، ڪچهري ڪرڻ، راڳ ۽ گانا ڳائيندو هو، فلمون ڏسندو هو، اهي سندس زندگي جا مختلف پهلو هئا، هو دوستن ۾ پڙهڻ جي عادت وجهندو هو. هن چيو ته نذير عباسي سان گڏ جيڪڏهن رستي ۾ ويندا هئاسين ته هو ڪو نه ڪو بحث ڇيڙيندو هو، جنهن تي ڳالهائيندا ۽ سکندا رهندا هئاسين. نذير عباسي جو جنم ٽنڊي الهيار ۾ ٿيو، هو ننڍپڻ کان وٺي انسان دوست سوچ جو مالڪ رهيو.

nazir abbasir 02

اڳوڻي شاگرد اڳواڻ شبير شر چيو ته جڏهن ڪامريڊ ڄام ساقي گرفتار ٿيو ۽ ڪامريڊ امام علي نازش جلاوطني اختيار ڪئي ته ڪميونسٽ پارٽي جو سڄو بار نذير عباسي مٿان اچي ويو، ان وقت نذير عباسي وڏي اهميت وارو ليڊر هو، ڇو ته افغانستان ۾ سوشلسٽ حڪومت هئي، ايران جون واڳون امام خميني وٽ هيون ۽ انڊيا ۾ سوويت يونين بلاڪ قائم ٿيل هو. ضياءَ  ان وقت جي ڪميونسٽ سياست کي وڌيڪ سنجيدا پئي ورتو. هن چيو ته ان وقت هو محب وطن هئا ۽ هنن انقلابي تبديلي آڻڻ پئي چاهي ۽ نذير عباسي هڪ ئي وقت هاري تحريڪ، شاگرد تحريڪ ۽ مزدور فيڊريشن جي اڳواڻي پئي ڪئي، تنهن ڪري ضياءَ شاهي بوکلاهٽ جو شڪار ٿي وئي ۽ هتي آپريشن شروع ڪيو ويو. 1980ع ۾ جڏهن هو ڳاڙها جهنڊا ٺاهي ۽ پمفليٽ ڇاپيندا هئا ته سندن پرنٽنگ پريس تي ڇاپو هڻي کيس ۽ ڪمال وارثي کي گرفتار ڪيو ويو ۽ ٻئي ڏينهن جمال نقوي ۽ نذير عباسي کي به گرفتار ڪيو ويو. نذير عباسي کي ٽارگيٽ ڪري مٿس وحشياڻو تشدد ڪيو ويو. هنن کانئس اهو مڃرائڻ پئي چاهيو ته هو ملڪ دشمن آهن، هو سوويت يونين کان پيسا وٺندا آهن ۽ هو ملڪ دشمن ڪاررواين ۾ ملوث آهن. نذير عباسي کي 8 ڏينهن اندر تشدد ڪري قتل ڪيو ويو ۽ سندس لاش ايڌي حوالي ڪري دفنايو ويو. هن چيو ته نذير عباسي جي شهادت کان پوءِ سندس گهرواري حميدا گهانگهرو جا گرفتاري وارنٽ جاري ڪيا ويا، حميدا گهانگهرو تمام گهڻو ڀوڳيو، هوءَ جنهن گهر ۾ رهندي هئي، اتي ڇاپا هنيا ويندا هئا، پر هن پنهنجو حوصلو نه هاريو ۽ پارٽي جو حصو بڻيل رهي. نذير عباسي مزدورن جو استحصال ٿيڻ تي آواز اٿاريو، هارين ۽ مزدورن جي مسئلن جي حل لاءِ جدوجهد ڪندو رهيو.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ جي تاريخي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي زمين تي والار جاري

ٺٽو ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ جي تاريخي ورسي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *