Saturday , April 27 2024

Mashaal new 1

عبدالولي خان يونيورسٽي  مردان ۾ هجوم هٿان مارجي ويل شاگرد مشال سان گڏ زخمي ٿيل شاگرد عبدالله پنهنجو بيان پوليس ۽ عدالت ۾ رڪارڊ ڪرائي ڇڏيو، سندس چوڻ آهي ته ڪڏهن به مشعال کان مذهب جي توهين وارا لفظ نه ٻڌا هئا، يونيورسٽي انتظاميه کيس مشال خلاف بيان ڏيڻ لاءِ دٻاءُ وڌو هو پر هن انڪار ڪري ڇڏيو هو.

مذهب جي توهين جي الزام هيٺ هجوم هٿان زخمي ٿيل شاگرد پنهنجو بيان رڪارڊ ڪرائيندي چيو آهي ته کيس 13 اپريل تي صبح 11 وڳي هڪ شاگرد  محمد عباس گهران سڏ ڪري يونيورسٽي گهرايو هو. سندس چوڻ هو ته يونيورسٽي انتظاميه کيس گهرائي مشعال خلاف مذهب جي  توهين  ڪرڻ وارو بيان ڏيڻ لاءِ مٿس دٻاءُ وڌو، جنهن تي هن انڪار رڪي ڇڏيوهو.

هن چيوته انڪار ڪرڻ تي کيس چيئرمين جي آفيس جي باٿ روم ۾ بند ڪيو ويو. عبدالله پنهنجي رڪارڊ ڪرايل بيان ۾ چيو آهي ته هن ڪڏهن به مشال کان اهڙا لفظ نه ٻڌا هئا ۽ نه هن ڪا توهين ڪئي هئي.

مشعال قتل ۾ ملوث جوابدار پاران قتل جو اعتراف

ٻي طرف مشعال قتل ڪيس جي مک جوابدار وجاهت ڏوهه جو اعتراف ڪندي واقعي جي سموري ذميواري يونيورسٽي انتظاميا مٿان وجهي ڇڏي، مئجسٽريٽ آڏو رڪارڊ ڪرايل بيان ۾  جوابدار چيو آهي ته يونيورسٽي انتظاميا جي چوڻ تي مشعال خلاف تقرير ڪئي، جنهن تي مڇريل ماڻهن  کيس قتل ڪري ڇڏيو.

عبدالولي خان يونيورسٽي ۾ هجوم هٿان قتل ڪيل شاگرد مشعال جي قتل ڪيس ۾ گرفتار ٿيل مک جوابدار وجاهت مئجسٽريٽ آڏو پنهنجو بيان رڪارڊ ڪرايو.

وجاهت پنهنجي بيان ۾  واقعي جي سموري ذميواري يونيورسٽي انتظاميا تي وجهندي چيو ته کيس انتظاميا مشعال خلاف تقرير ڪر ڻ جي هدايت ڪئي هئي.

جوابدار چيو ته  کيس يونيورسٽي انتظاميا 13 اپريل تي چيئرمين جي آفيس گهرايو هو.

هن چيو ته چيئرمين آفيس پهتس ته 15ليڪچرار انيس، سپرينٽنڊنٽ ارشد، ڪلارڪ سعيد ۽ ادريس سميت کان 20 ماڻهو موجود هئا،يونيورسٽي انتظاميا مونکي چيو ته مشال ۽ سندس ساٿين توهين رسالت ڪئي آهي.

جوابدار چيو آهي ته هن يونيورسٽي انتظاميا جي چوڻ تي مشعال خلاف تقرير ڪئي، جنهن تي مڇريل ماڻهن  کيس قتل ڪري ڇڏيو.

جوابدار چيو ته سڪيورٽي انچارج بلال چيو هو ته هو پاڻ مشال کي قتل ڪندو ۽ جنهن به سندس حمايت ڪئي ان سان به سختي ڪئي ويندي.

وجاهت  چيو ته مشعال خان بابت غلط بياني ڪرڻ تي انتهائي شرمندو آهيان.

جوابدار چيو ته کيس گهرائي مشعال خلاف ڀڙڪائڻ جو انتظاميا کي اختيار نه هو.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ جي تاريخي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي زمين تي والار جاري

ٺٽو ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ جي تاريخي ورسي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *