Saturday , April 27 2024

ڪوٽڙي ۽ ٻولهاڙي ۾ پيئڻ جو پاڻي اڻلڀ، رهواسين جي احتجاج جو کڙتيل نه نڪتو

حيدرآباد( رپورٽر    سنڌسماءَچار) ٻولهاڙي ۽ ڪوٽڙي شهر جي مختلف رهائشي علائقن ۾ پيئڻ جو پاڻي اڻلڀ ٿي ويو آهي، پيئڻ جو پاڻي وڪرو ڪندڙ ٽئنڪر مافيا جي چاندي ٿي وئي آهي، رهواسين پاڻي جي ڪوٽڙي کوٽ خلاف ريلي ڪڍي احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو. رستم چانڊيو، يوسف سارنگ، اشفاق دل، عمران چانڊيو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ٻٻر اسٽاپ کان ڊي سي آفيس تائين ريلي ڪڍي ڊي سي آفيس اڳيان 2 ڪلاڪ ڌرڻو هنيو ويو. هنن ٻڌايو ته گذريل 20 سالن کان ٻولهاڙي جي مختلف علائقن ٻٻر چوڪ، خورشيد ڪالوني، ڀٽائي ڪالوني، دل ڳوٺ، مسڪين ڪالوني ۽ ٻين علائقن ۾ پيئڻ جي پاڻي جي فراهمي بند آهي، جنهن ڪري پئسن عيوض پاڻي خريد ڪرڻ تي مجبور آهيون. پاڻي وڪرو ڪندڙ ٽئنڪر مافيا جي چاندي ٿي وئي آهي. هنن چيو ته اهڻي غريب ماڻهو پيئڻ جي پاڻي لپ لاءِ به پريشان آهن.هنن چتاءَ ڏنو ته ته جيڪڏهن ٻولهاڙي جي علائقن ۾ پاڻي فراهم نه ڪيو ويو ته سومر ڏهاڙي ڊي سي آفيس اڳيان بک هڙتالي ڪئمپ لڳائي ويندي.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ جي تاريخي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي زمين تي والار جاري

ٺٽو ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ جي تاريخي ورسي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *