Friday , April 26 2024

ڪوٽڙي: واڌو واهه ۾ گندي پاڻي جي ڇوڙ کي 10 ڏينهن اندر بند ڪيو وڃي:جسٽس اقبال ڪلهوڙو

ڪوٽڙي: سپريم ڪورٽ پاران سنڌ ۾ پيئڻ جي پاڻي جي فراهمي ۽ گندي پاڻي جي نيڪال واري نظام جي جاچ لاءِ جوڙيل ڪميشن اڄ ٻئي ڏينهن به حيدر آباد ۽ ڪوٽڙي جو دورو ڪيو، ڪميشن واڌو واهه ۾ گندي پاڻي جي ڇوڙ کي 10 ڏينهن اندر بند ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. جسٽس اقبال ڪلهوڙو جي سربراهي ۾ ڪميشن اڄ ٻئي ڏينهن به حيدرآباد جو دورو ڪري پاڻي جي نيڪال جو جائزو ورتو. ڪميشن حيدر آباد ۾ واسا کان قاسم آباد ۾ پاڻي جي نيڪال بابت اسڪيمن جي ڪم بابت پڇاڻو ڪيو. ڪميشن واڌو واهه ۾ گندي پاڻي جي ڇوڙ کي 10 ڏينهن اندر بند ڪرڻ جو حڪم ڏيندي اسپتالن جي گند ڪچري جي اڇلائڻ بابت رپورٽ طلب ڪندي سيڪريٽري هيلٿ کي سومر ڏينهن ڪراچي ۾ طلب ڪري ورتو. ڪميشن ڪوٽڙي جي ڪارخانن مان نڪرندڙ زهريلي پاڻيءَ کي صاف ڪرڻ لاءِ لڳايل ٽريٽمينٽ پلانٽ جو دورو ڪري ڪوٽڙي سائيٽ جي انجنيئرز کان به پڇاڻو ڪيو. درخواستگذار شهاب اوستو چيو ته سائيٽ جي ڪارخانن مان زهريلو پاڻي ڪراچي واهه ۾ ڇوڙ ٿيڻ سبب هزارين ماڻهن جون زندگيون داءُ تي لڳل آهن. هن چيو ته 95 ڪروڙ رپين جي لاڳت سان لڳايل ٽريٽمينٽ پلانٽ ۾ ناقص سامان لڳايو ويو آهي، ان جي جاچ ڪرائڻ سان گڏ پاڻي ڇوڙ ڪندڙ ڪارخانن جي مالڪن خلاف ڪيس داخل ڪرايا ويندا.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ جي تاريخي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي زمين تي والار جاري

ٺٽو ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ جي تاريخي ورسي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *