Friday , April 26 2024

ڪنهن به سياسي پارٽي کي چونڊ مهم هلائڻ کان ناهي روڪيو:سيڪريٽري اليڪشن ڪميشن

اسلام آباد(رپورٽر سنڌسماءَچار) اليڪشن ڪميشن چيو آهي ته ڪنهن به سياسي جماعت جي چونڊ مهم نه روڪي وئي آهي، نه ئي اليڪشن ڪميشن تي ڪو دٻاءُ آهي: سيڪريٽري بابر يعقوب چيو آهي ته سمورا ادارا شفاف چونڊون يقيني بڻائڻ لاءِ سهڪار ڪري رهيا آهن، 25 جولاءِ تي ساڍا 3 لک فوجي اهلڪار ۽ ساڍا 4 لک پوليس اهلڪار سيڪيورٽي انتظام سنڀاليندا. اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي سيڪريٽري اليڪشن ڪميشن بابر يعقوب چيو ته 2013 جَي مقابلي ۾ هن ڀيري پولنگ اسٽيشنز ۾ پولنگ اسٽيشنز تي بهتري نظر ايندي ۽ پولنگ اسٽيشنز ۾ 96 سيڪڙو سهولتون فراهم ڪيون ويون آهن. سيڪريٽري اليڪشن ڪمشن ووٽرز کي ضرور وٽ ڪاسٽ ڪرڻ جي اپيل ڪندي چيو ته عام چونڊن لاءِ سڪيورٽي جا فول پروف انتظام ڪيا ويا آهن، ٽرن آئون پهريان کان وڌيڪ بهتر هوندو. بابر يعقوب چيو ته گذريل ٻن ٽن ڏينهن ۾ عالمي مبصرن جي گروپس کي بريفنگ ڏني آهي، 25 جولاءِ تي ساڍا 3 لک فوجي اهلڪار ۽ ساڍا 4 لک پوليس اهلڪار سيڪيورٽي انتظام سنڀاليندا.

هن چيو ته سڪيورٽي تي مقرر سمورا اهلڪار ضابطهِ اخلاق تحت ڪم ڪندا، جڏهن ته پولنگ اسٽيشن تي پرزائيڊنگ آفيسر انچارج هوندو ۽ ڊيوٽي تي پوليس ۽ فوجي اهلڪار اُن پرزائيڊنگ آفيسر کي رپورٽ ڪندا ۽ اُن جِي هدايتن تي ئي عمل ڪندا.

سيڪريٽري وڌيڪ چيو ته پولنگ اسٽيشنز تي سي سي ٽي وي ڪئمرائون لڳايون پيون وڃن، جيڪي 25 جولاءِ تي فنڪشنل هونديون. هن چيو ته گهرو وزارت جَي خط تي گڏيل قومن جي لسٽ ۾ موجود ڪجهه اميدوارن کي نوٽيس جاري ڪيا ويا آهن، اُهي سومر تي اليڪشن ڪميشن ۾ پيش ٿيندا. بابر يعقوب چيو ته اهو چيڪ ڪيو ويندو ته پوسٽل بيلٽ جِي پُهچ ۽ ڳڻپ قانون موجب ٿي آهي، اليڪشن ڪميشن پوسٽل بيلٽ جِي اوچتو آڊٽ ڪندو، پوسٽل بيلٽ جَي غلط استعمال کي روڪڻ لاءِ خاص طريقو واضح ڪيو ويو آهي.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ جي تاريخي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي زمين تي والار جاري

ٺٽو ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ جي تاريخي ورسي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *