Friday , April 26 2024

چٽاڀيٽي واري امتحان ۾ ڪامياب ٿيل 6 هزار ڊاڪٽرن کي تڪڙو ڀرتي ڪرڻ جو فيصلو

Sindh Govt Logo3doctor1

سنڌ حڪومت پاران سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جي 2013 واري امتحان کي سپريم ڪورٽ پاران مڪمل طور رد ڪرڻ کانپوءِ قانوني ماهرن سان صلاح مشورا شروع ڪري ڇڏيا آهن. سنڌ حڪومت جي قانون واري کاتي سميت سرڪاري وڪيلن حڪومت آڏو واضع ڪيو آهي ته، “سپريم ڪورٽ جو فيصلو رڳو 2013ع واري چيٽا ڀيٽي واري امتحان تي لاڳو ٿئي ٿو، 2013 واري امتحان کانسواءِ ان ٻين امتحانن تي اهو فيصلو لاڳو نه ٿو ٿئي”.

سنڌ حڪومت قانوني ماهرن سان صلاح مشورن بعد مليل اهڙي وضاحت کانپوءِ، سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جي چٽاڀيٽي جي 2013 کان علاوه ورت امتحانن جي سمورن مرحلن ۾ ڪامياب هڪ هزار کان وڌيڪ اميدوارن کي نوڪريون ڏيڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي.

صحت کاتي ۾ 6 هزار ڊاڪٽرن جي ڀرتي لاءِ چٽاڀيٽي واري امتحان ۾ پاس ٿيل اميدوارن کي به جلد آرڊر ڏيڻ جو فيصلو ڪيو يو آهي. جنهن لاءِ امتحان جا نتيجا مارڪن سان گڏ فراهم ڪرڻ لاءِ سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن کي خط لکيو ويو آهي.

سنڌسماءَچار کي مليل ڄاڻ موجود موجب سپريم ڪورٽ پاران سنڌ جي 2013ع واري چٽا ڀيٽي واري امتحان کي ڪالعدم قرار ڏيڻ کانپوءِ ساڳي ڪميشن پاران مختلف کاتن ۾ 16هين ۽ 17هين گريڊن جي پوسٽن لاءِ ورتل امتحانن ۾ پاس اميدوارن کي آرڊر ڏيڻ واري پڇيل سوال جي جواب ۾ ايڊووڪيٽ جنرل سنڌ چيف سيڪريٽري کي خط لکي ڄاڻ ڏني آحي.

قانون واري کاتي جي ذريعن کان مليل ڄاڻ موجب،چيف سيڪريٽري کي سنڌ جي ايڊووڪيٽ جنرل بئريسٽر ضمير گهمرو پاران اماڻيل خط ۾ چيو ويو آهي ته، سپريم ڪورٽ جو فيصلو رڳو 2013ع واري چٽا ڀيٽي واري امتحان تي لاڳو ٿئي ٿو. عدالتي فيصلو ٻئي ڪنهن به امتحان بابت نه آهي ان ڪري ٻين امتحانن تي عملدرآمد شروع ڪيو وڃي.

 عدالتي فيصلي سان ٻيا امتحان متاثر نٿا ٿين. ذريعن موجب اهڙي قانوني راءِ کانپوءِ سنڌ حڪومت جي صحت کاتي سميت ٻين امتحان پاس ڪندڙ 200 نرسن، 400 اسپيشلسٽ ڊاڪٽرن سميت ٻين پوسٽن وارن اميدوارن کي نوڪرين جا آرڊر ڏيڻ لاءِ عمل شروع ڪري ڇڏيو آهي. چيف سيڪريٽري پاران لاڳاپيل کاتن کي انهن ڀرتين تي عمل شروع ڪرڻ لاءِ هدايتون ڏنيون ويون آهن. ذريعن موجب قانون، زراعت، توانائي ۽ ٻين کاتن 16هين ۽ 17هين گريڊ جي پوسٽن لاءِ هڪ هزار کان وڌيڪ اميدوارن امتحان پاس ڪيو آهي ۽ ڪميشن پاران کين ڀرتي ڪرڻ جي سفارش ڪئي وئي هئي پر سپريم ڪورٽ ۾ ڪميشن جي 2013ع واري امتحان جي ڪيس سبب انهن اميدوارن کي آرڊر روڪيا ويا هئا. ٻئي طرف صحت کاتي جي سيڪريٽري لکت واري ٽيسٽ پاس ڪندڙ 6 هزار ڊاڪٽرن کي انٽرويوز کانسواءِ ڀرتي ڪرڻ لاءِ سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جي سيڪريٽري کي خط لکي انهن ڊاڪٽرن جي امتحان بابت نتيجا مارڪن سان گڏ موڪلڻ جو چيو آهي. ذريعن موجب مارڪن سان گڏ نتيجا اچڻ کانپوءِ ڊاڪٽرن جي ميرٽ لسٽ ٺاهي آرڊر ڏنا ويندا.

ان معاملي تي رابطو ڪرڻ تي ايڊووڪيٽ جنرل ضمير گهمري ڪاوش کي ٻڌايو ته سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جا ٻيا امتحان عدالتي فيصلي سبب متاثر نٿا ٿين ۽ انهن امتحانن ۾ پاس ٿيل اميدوارن کي نوڪرين جا آرڊر ڏيڻ لاءِ سنڌ حڪومت کي قانوني راءِ کان آگاهه ڪيو آهي.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ جي تاريخي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي زمين تي والار جاري

ٺٽو ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ جي تاريخي ورسي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *