Tuesday , March 19 2024

پي ايس ايل ايڊيشن-3 جي آخري دنگل جون تياريون مڪمل، ميدان به تيار

ڪراچي(اصغر آزاد   سنڌسماءَچار) پاڪستاني ڪرڪيٽ ۾ وڏي عرصي کانپوءِ ڌماڪي سان انٽري ڏيندڙ پاڪستان سپر ليگ (پي ايس ايل) ٿري جي آخري دنگل/فائنل ۾ هڪ ڏينهن بچيو آهي. اسلام آباد يونائيٽيڊ ۽ پشاور زلمي ميدان ۾ آمهون سامهون ٿيڻ لاءِ بيتاب آهن ته اتي ڪرڪيٽ جي شوقينن به ڪرڪيٽ کي ڀرپور طريقي سان انجواءِ ڪرڻ اُتاولا لڳا پيا آهن. پي ايس ايل جي آخري دنگل جون سموريون تياريون مڪمل ڪيون ويون آحن، جنهن لاءِ نيشنل اسٽيڊيم ڪراچي ۾ به سمورا انتظام مڪمل ڪيا ويا آهن.

پي ايس ايل جي فائنل لاءِ ڪرڪيٽ ٽيمن جا رانديگر به ڪراچي پهچي رهيا آهن، جن مان ڪجهه پهچي به ويا آهن. شاهراهه فيصل، سر شاهه محمد سليمان روڊ، اسٽيڊيم روڊ سميت اهم رستن کي به سينگاريو ويو آهي ۽ مرچي بلب به لڳايا ويا آهن، جنهن سان شهر جي سونهن کي چار چنڊ لڳي ويا آهن. ڪراچي اهم رستن ۽ چوڪن تي پي ايس ايل جي آخري دنگل جي ٽيمن سميت ٻين رانديگرن جا وڏا وڏا فوٽو لڳايا ويا آهن.

وڏو وزير سيد مراد علي شاهه، گهرو وزير سهيل انور سيال ۽ ڊي جي رينجرز سميت لاڳاپيل اختيارين جا عملدارنيشينل اسٽيڊيم جا دورا ڪري رهيا آهن ۽ سيڪيورٽي جي رفيهرسل پڻ ڪئي پئي وڃي. ان کانسواءِ، پوليس، اسپيشل برانچ سميت قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جا اهلڪار ۽ عملدار به نيشنل اسٽيڊيم سميت ڀرپاسي جي علائقن جا دورا ڪري رهيا آهن ۽ نگراني به ڪري رهيا آهن.ئي پئي وڃي.

ٻي طرف ڪرڪيٽ جا شوقين اصل صفا اُتاولا لڳا پيا آهن ۽ آچر ڏهاڙي جو انتظار ڪري رهيا آهن، جيئن اُهي اسٽيڊيم ۾ پي ايس ايل جو آخري/فائنل دنگل ڏسي سگهن. جن ديوانن کي فائنل جي ٽڪيٽ ناهي ملي سگهي انهن وري پنهنجن گهرن، هوٽلز ۽ پارڪس ۾ ٽي وين، وڏين اسڪرينز جو بِلو ڪرڻ ۾ رڌل آهن.

About Asghar Azad

Check Also

ميلبرن:ٽين ون ڊي ۾ پاڪستان آسٽريليا کي شڪست ڏئي ڇڏي

ٽن ون ڊي ميچز تي ٻڌل سيريز جي ٻين ۽ اهم ميچ ۾پاڪستاني بالزر جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *