Saturday , April 27 2024

پيئڻ جي صاف پاڻي جو مسئلو اسان جي ٻارن سان سلهاڙيل آهي، معاملو 2 مهينن ۾ حل ڪرڻو آهي: چيف جسٽس ثاقب نثار

ڪراچي( چيف رپورٽر      سنڌ سماءَ چار) سنڌ ۾ صاف پاڻي فراهمي واري ڪيس ۾ سپريم ڪورٽ چيف سيڪريٽري سنڌ جي بدلي تي منع نامو برقرار رکندي ايم ڊي واٽر بورڊ جي بريفنگ تي بي اطميناني ظاهر ڪري ڇڏي آهي، عدالت چيف سيڪريٽري سنڌ کان پڇاڻو ڪيو ته ٽينڪر مافيا ڪڏهن جنم ورتو ۽ ان کي ڪڏهن ختم ڪندا؟ بوتلن ۾ پاڻي ڪير پيو وڪرو ڪري؟، اسان کي ٽائيم فريم ڏيو ڇاڪاڻ ته هي ڪم چونڊن کان اڳ ۽ 2 مهينن ۾ حل ڪرڻو آهي. سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس جسٽس ميان ثاقب نثار جي سربراهي ۾ 5 رڪني لارجر بئنچ سنڌ ۾ صاف پاڻي جي فراهمي واري ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. چيف جسٽس ٻڌڻي دوران رمارڪس ڏنا ته شهرين کي صاف پاڻي ڏيڻ سنڌ حڪومت جي ذميواري آهي، جيڪڏهن ماڻهن کي صاف پاڻي نٿو ملي ته ٻيا حق به ڏيڻ جو ڪو فائدو ناهي. هي معاملو اسان جي ٻارن جي زندگي سان سلهاڙيل آهي ۽ ان سان گڏ بنيادي حقن جا محافظ به آهيون، ڪنهن کي حق لتاڙڻ نه ڏينداسين. چيف جسٽس، چيف سيڪريٽري سنڌ کي مخاطب ٿيندي چيو ته توهان ٻڌايو ته شهرين کي ڪڏهن صاف پاڻي ملندو؟، ٽينڪر مافيا ڪڏهن جنم ورتو، ان کي ڪڏهن ختم ڪندا؟ بوتلن ۾ پاڻي ڀري ڪير پيو وڪرو ڪري ؟. اسان کي ٽائيم فريم ڏيو اوهان کي هي ڪم چونڊن کان اڳ ۽ ٻن مهينن ۾ ڪرڻو آهي.

چيف جسٽس رمارڪس ۾ چيو ته بنيادي حقن جو تحفظ رياست جي ذميواري آهي ۽ هو به رياست جو حصو آهن، پر انتظاميا تي ذميواري گهڻي آهي حڪومت جو ڪم ڪرڻ جو ارادو نظر به اچڻ گهرجي. عدالت کي ايم ڊي واٽر بورڊ هاشم رضا زيدي پاڻي معاملي تي بريفنگ ڏني، جنهن تي عدالت بي اطميناني جو اظهار ڪيو. ايم ڊي واٽر بورڊ بريفنگ ۾ چيو ته ڪراچي کي ڪينجهر ڍنڍ مان 550ملين گيلن پاڻي فراهم ڪيو وڃي ٿو، جنهن مان ادارو 260 ملين گيلن  پاڻي صاف ڪري سگهي ٿو، جڏهن ته غيرقانوني هائڊرينٽس بند ڪيا ويا آهن. چيف جسٽس رمارڪس ڏنا ته ڪراچي کي گندگي جي ڍير ۾ تبديل ڪيو ويو آهي، معاملي جي حل لاءِ ٽائيم فريم لکت ۾ ڏنو وڃي. چيف جسٽس ايڊووڪيٽ جنرل سنڌ کي مخاطب ٿيندي چيو ته پاڻي جي کوٽ سبب واٽر مافيا مضبوط ٿيندي آهي، فائلز کي ڇڏي ڏيو، اهو ٻڌايو ته پهريان ڪهڙو ڪم ڪندئو. ايڊووڪيٽ جنرل چيو ته هڪ ٻڌڻي هتي ۽ ٻي واٽر ڪميش وٽ جاري آهي، جنهن تي چيف جسٽس موٽ ڏني ته ڊرامو ڇڏي ڏيو، واٽر ڪميشن جون درخواست به هتي گهرائي وٺون ٿا.

ميان ثاقب نثار چيو ته ٻڌڻي کي 18 ڏينهن ٿيا آهن هن وقت تائين ڇا ٿيو آهي؟. چيف جسٽس ايم ڊي واٽر بورڊ کي حڪم ڏنو ته جتي واٽر بورڊ جي لائين ناهي اتي مفت پاڻي پهچايو، جنهن تي ايم ڊي واٽر بورڊ چيو ته ڊپٽي ڪمشنر جي ڪري پاڻي مفت فراهم نٿو ڪيو وڃي، عدالت جي هدايتن تي ڪم ڪري رهيا آهيون. چيف جسٽس چيو ته جن ماڻهن ڪوتاهي ڪئي انهن کي بخش نه ڪيو ويندو، جواب ڏيڻ بنا ڪنهن  ايم ڊي واٽر بورڊ ۽ اي جي کي وڃڻ نه ڏبو. چيف جسٽس رمارڪس ڏنا ته پلانٽس بابت ڪا اڳڀرائي نظر نه اچي رهي آهي، جڏهن ته پاڻي کانسواءِ زنده رهڻ ممڪن ناهي. عدالت چيف سيڪريٽري جي بدلي تي منع نامو برقرار رکندي ٻين سيڪريٽرين ۽ آفيسرن جي بدلين تان پابندي ختم ڪري ڇڏي. سپريم ڪورٽ حڪم ۾ چيو ته چيف سيڪريٽري کي عدالت جي اجازت کانسواءِ بدلي نٿو ڪري سگهجي، بعد ۾ عدالت ٻڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ جي تاريخي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي زمين تي والار جاري

ٺٽو ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ جي تاريخي ورسي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *