Saturday , April 27 2024

پهريان چائنا ڪٽنگ ڪرائي هاڻي ڪارروائي ڪندڙ ايماندار ڪيئن ٿيو؟:چيف جسٽس سنڌ هاءِ ڪورٽ

ڪراچي (رپورٽر سنڌسماءَچار) ڪراچي ۾ چائنا ڪٽنگ واري ڪيس ۾ 20 آفيسرن جي ضمانت واري درخواست رد ٿيڻ کانپوءِ نيب 12 آفيسرن ۽ 2 بلڊرن کي گرفتار ڪري ورتو آهي. سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ چائنا ڪٽنگ ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، نيب عدالت ۾ موقف اختيار ڪيو ته ڪي ڊي اي جي آفيسرن بلڊر کي فائدو پهچائڻ لاءِ قومي ناڻي کي نقصان پهچايو. جوابدار آفيسر جي وڪيل موقف اختيار ڪيو ته ڪي ڊي اي جو آفيسر عرفان يوسفزئي شريف ماڻهو آهي، هو ناجائز اڏاوتن جي خلاف هلندڙ آپريشن جو انچارج آهي،. وڪيل چيوي ته عرفان يوسفزئي جي ضمانت نه ٿيڻ سان آپريشن متاثر ٿيندو. ان جي ضمانت جي درخواست منظور ڪئي وڃي. جنهن تي چيف جسٽس رمارڪس ڏيندي چيو ته اسين نه ٿا چاهيون ته شهر ۾ چائنا ڪٽنگ جو سلسلو هلندو رهي، ڪي ڊي اي جو آفيسر هڪ پاسي چائنا ڪٽنگ ڪرائي ٿو ۽ عدالت جي حڪمن تي وري آپريشن به ڪري ٿو. عدالت ڌرين جا دليل ٻڌڻ کانپوءِ ڪي ڊي اي جي 20 آفيسرن جي ضمانت واري درخواست رد ڪري ڇڏي. ضمانتن واريون درخواستون رد ٿيڻ بعد 20 جوابدار آفيسرز مان 12 آفيسرن ۽ 2 بلڊرز کي گرفتار ڪيو ويو.

 چائنا ڪٽنگ جي الزامن هيٺ گرفتار ٿيلن ۾ سپرنٽينڊنٽ رڪوري اختر رشيد، محمد حنيف خان، خدا بخش سومرو، سرفراز احمد، ڊي ڊي او رڪوري محمد ڪامران وارثي، سيد رضوان احمد، شفٽنگ ڊي ڊي او عرفان خان يوسفزئي، عاطف نقوي، رڪوري ڪلرڪ شيخ فريد، صغير احمد، جهانزيب اقبال، محمد جمن ۽ بلڊر عرفان احمد ۽ فيروز بنگالي شامل آهن. انهن ڪي ڊي اي آفيسرن تي الزام آهي ته انهن گلستان جوهر ۾ 23 پلاٽن کي غيرقانوني طريقي سان 296 رهائشي پلاٽن ۾ تبديل ڪري قومي خزاني کي هڪ ارب 50 ڪروڙ روپيا نقصان پهچايو. ٻئي پاسي شهر جي مختلف علائقن ۾ 8 وڏن پارڪن ۾ غيرقانوني اڏاوت ۽ شادي هال قائم ڪرڻ ۾ ڪي ڊي اي ۽ پي اِي سي ايڇ ايس جي ملوث هئڻ جو انڪشاف ٿيو آهي. جنهن بابت ٻڌايو ويو آهي ته ڪي ڊي اي هل پارڪ جي زمين تي 42 گهرن، 6 هوٽلن، هڪ ٿيٽر، ٻن سوئمنگ پول ۽ ٻن مسجدن جي غيرقانوني الاٽمينٽ ڪئي. پي اِي سي ايڇ ايس پڻ هل پارڪ ۾ 7 پلاٽن ۽ 6 ايڪڙ زمينن جي غيرقانوني الاٽمينٽ ڪئي. عزيز ڀٽي پارڪ ۾ ڪي ڊي اي تقريبن لاءِ هڪ ڪلب پڻ قائم ڪيو. ان سلسلي ۾ پارڪن واري شعبي غيرقانوني اڏاوتن جورڪارڊ ٽاسڪ فورس جي حوالي ڪري ڇڏيو آهي.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ جي تاريخي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي زمين تي والار جاري

ٺٽو ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ جي تاريخي ورسي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *