Saturday , April 27 2024

پاڪستان ۾ پابندي مڙهيل تنظيمن هٿان اقليتون نشانو بڻجن پيون:امريڪي رپورٽ ۾ دعويٰ

واشنگٽن(سنڌسماءَچار ڊيسڪ) آمريڪا جي مذهبي آزاديءَ  جي حوالي سان هڪ رپورٽ ۾ دعويٰ ڪئي وئي آهي ته، پاڪستان ۾ پابندي مڙهيل مذهبي دهشتگرد تنظيمون اقليتن کي نشانو بڻائينديون رهن ٿيون، رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته، اققليتن کي نشانو بڻجڻ کان تحفظ جا  جوڳ بندوبست نه هجڻ سبب صورتحال اطمينان جهڙي نه ٿي چئي سگهجي. رپورٽ جاري ڪندڙ امريڪي صدر ڊونالڊ ٽرمپ انتظاميا پاڪستان جي مختلف سول سوسائٽي جي تنظيمن کان حاصل ڪيل انگن اکرن جو حوالا ڏيندي ٽرمپ انتظاميا پنهنجي رپورٽ ۾ چيو آهي ته پاڪستان ۾ مذهب جي نالي تي احمدين سميت ٻين اقليتن سان امتيازي سلوڪ ۽ ڏاڍ توڙي ڏمر جاري آهي. رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته پابندي مڙهيل تنظيمن سان واسطو رکندڙ گروهه عيسائين، احمدين، صوفين ۽ اهل تشيع خاص طور هزارا برادري کي نشانو بڻائي رهيا آهن. رپورٽ ۾ پابندي مڙهيل  لشڪر جهنگوي، طالبان ۽ ٻين دهشتگرد تنظيمن جو ذڪر ڪيو ويو آهي. آمريڪي رپورٽ ۾ ڏکڻ ايشيا ٽيرارزم پورٽل جي حوالي سان ٻڌايو ويو آهي ته هڪ سال دوران فرقيوار تشدد سبب 231 ڄڻا قتل ۽ 691 زخمي ٿيا.

ياد رهي ته ٽرمپ انتظاميا گذريل سال ڊسمبر ۾ پاڪستان کي خاص طور واچ لسٽ ۾ رکيو هو. مذهبي آزاديءَ بابت جاري ڪيل آمريڪي ۾ رپورٽ ۾ دعويٰ ڪئي وئي آهي ته پاڪستان ۾ توهين رسالت قانون جي تحت گذريل سال 50 ڄڻن کي گرفتار ڪيو ويو ۽ 17 ڄڻن تي موت جي سزا ٻڌائي وئي.رپورٽ ۾ پاڪستاني شاگرد مشال خان جي قتل جو پڻ خاص ذڪر ڪيو  ويو آهي. مشال خان مردان جي عبدالولي خان يونيورسٽي ۾ صحافت جو شاگرد هو، جنهن کي گذريل سال 13 اپريل تي انتها پسند ٽولي توهين رسالت جو الزام مڙهي قتل ڪيو هو . رپورٽ جاري ڪندي آمريڪي پرڏيهي وزير مائيڪ پومپيو چيو ته اسان جو مشن مذهبي آزادي جو بچاءُ ڪرڻ آهي پر مذهبي آزاديءَ کي ڇهيو رسائڻ تي خاموش تماشائي نه بڻجنداسين.  ان حوالي سان آمريڪا مذهبي آزاديءَ تي پهريون ڀيرو وزارتي ڪانفرنس جي ميزباني ڪندو. اطلاعن موجب ڪانفرنس 25 ۽ 26 جولائي تي واشنگٽن ۾ ڪئي ويندي. مائيڪ پومپيو موجب ان ڪانفرنس دوران نون خيالن جي اظهار جو موقعو ڏنو ويندو.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ جي تاريخي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي زمين تي والار جاري

ٺٽو ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ جي تاريخي ورسي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *