Friday , April 26 2024

پارليامينٽ ۾ وڃجي يا نه؟؟ ايم ايم اي ٻُڏ تَر جو شڪار

اسلام آباد( سنڌ سماءَ چار    مانيٽرنگ ڊيسڪ) متحده مجلس عمل ڌانڌلين جي الزامن بعد پارليامينٽ ۾ نه وڃڻ واري فيصلي کانپوءِ ن ليگ پاران ساٿ ڇڏڻ سبب اسيمبلين ۾ ويهڻ يا نه ويهڻ واري معاملي تي ٻُڏ تَرَ جي ور ڇڙهي وئي آهي، سراج الحق اجلاس دوران موقف اختيار ڪيو ته اسيمبليز ۾ وڃڻ يا نه وڃڻ جو فيصلو سمورين اپوزيشن جماعتن جي اتفاق راءِ سان ٿيڻ گهرجي، اسلام اباد ۾ اجلاس بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي مولانا فضل الرحمان چيو ته پي ٽي آءِ تڪ کولڻ لاءِ تيار آهي ته پوءِ سموري ملڪ جو هڪ هڪ تڪ کوليو وڃي. متحده مجلسِ عمل پارليامينٽ ۾ حلف کڻڻ يا نه کڻڻ بابت فيصلو آل پارٽيز ڪانفرنس ۾ ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي، مولانا فضل الرحمان چيو آهي ته سڄي ملڪ جا تڪ ٻيهر کولي آڱوٺن ۽ ٺپن جو جائزو ورتو وڃي، تحريڪ انصاف وٽ ڪا اڪثريت ناهي، اِها جماعت رڳو ڌانڌلي ذريعي وڏي پارٽي طور سامهون آئي آهي.

اسلام آباد ۾ مولانا فضل الرحمان جِي سربراهي ۾ ايم ايم اَي جو اجلاس ٿيو، جنهن دوران چونڊن ۾ مبينا ڌانڌلي خلاف احتجاجي تحريڪ ۽ پارليامينٽ ۾ حلف کڻڻ يا نه کڻڻ سميت اهم معاملن تي مشاورت ڪئي وئي. اجلاس دوران جماعت اسلامي جَي سربراهه سراج الحق تجويز پيش ڪئي ته پارليامينٽ ۾ حلف کڻڻ يا نه کڻڻ واري تجويز کي آل پارٽيز ڪانفرنس ۾ رکڻ گهرجي. اجلاس بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي مولانا فضل الرحمان چيو ته اليڪشن ڪميشن بار بار چئي رهي آهي ته چونڊون شفاف ٿيون آهن، هو به بار بار چوندا ته چونڊن ۾ بدترين ڌانڌلي ٿي آهي ۽ اليڪشن ڪميشن جي اهڙي دعويٰ کي رد ڪن ٿا. مولانا فضل الرحمان چيو ته تحريڪ انصاف سمورا تڪ کولڻ لاءِ تيار آهي ته هو مطالبو ٿا ڪن ته سڄي ملڪ جا سمورا تڪ ٻيهر کوليو ۽ آڱوٺن توڙي ٺپن جو جائزو وٺو. ايم ايم اي سربراهه چيو ته تحريڪ انصاف وٽ ڪا اڪثريت ناهي، اها جماعت رڳو ڌانڌلي ذريعي سڀ کان وڏي پارٽي ٿِي سامهون آئي آهي. سراج الحق جِي تجويز موجب پارليامينٽ ۾ حلف کڻڻ يا نه کڻڻ واري معاملو اي پي سي ۾ رکيو ويندو، جتي سمورين جماعتن جِي اتفاقِ راءِ سان ڪو فيصلو ڪرڻ گهرجي.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ جي تاريخي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي زمين تي والار جاري

ٺٽو ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ جي تاريخي ورسي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *