Tuesday , March 19 2024

ورهين کان افغانين جي مهمانوازي ڪريون پيا، سنڌ جا ماڻهو دهشتگردي سبب متاثر ٿيا: وڏو وزير

سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي تهسنڌ صوبو گذريل 37 ورهين کان رجسٽرڊ ۽غيررجسٽر افغان پناهگيرن جي مهمانوازي ڪريرهيو آهي، پر هاڻي ڪيترائن ئي ڪارڻ بشمول امنامان جي صورتحال ڪري انهن جي وطن واپسي جوعمل تيز ٿيڻ گهرجي. هن اها ڳالهه اڄ گڏيل قومنجي پناهگيرن واري ڪميشن جي هاءِ ڪمشنرمسٽر اندرائيڪا راتوتي سان ڳالهه ٻولهه ڪنديڪئي،

جنهن اڄ پنهنجي وفد سميت وزيرعليٰ هائوس ۾ ملاقات ڪئي. وفد جي ميمبرن ۾ ڊپٽي چيف يو اين ايڇ سيآر مسٽر يائو، افغان پناهگيرن جي چيف ڪميشنر اسلام آباد عمران زيب، ڊپٽي رپريزينٽيٽو يو اين ايڇ سيآر جوهن سيفونتي، يو اين ايڇ سي فيلڊ آفيس ڪراچي جي هيڊ يونس صاحبزاده، ڪمشنر افغان پناهگير غضنفر علي آغا ۽ يو اين سي ايڇ آر فيلڊ ايسوسيئيٽ سيد بلال آغا شامل هو. سنڌ جي وڏي وزير جيمعاونت آءِ جي سنڌ اي ڊي خواجه، پرنسپل سيڪريٽري نويد ڪامران بلوچ، گهرو سيڪريٽري شڪيل منڱڻيجو ڪئي. وڏي وزير چيو ته افغان پناهگيرن جو وڏو انگ سنڌ خاص طور تي ڪراچي ۽ ان جيڀرپاسي ۾ گذريل 37 سالن کان رهي رهيا آهن. سنڌ حڪومت انهن جي دل سان ميزباني ڪري رهي آهي ۽ پنهنجا وسيلا جيڪي اسان جي پنهنجن ماڻهن لاءِ آهن جيڪي انهن تي خرچ ٿي رهيا آهن. هن چيو ته سنڌصوبو گذريل ڪيترن ئي سالن کان امن امان جي خراب صورتحال کي منهن ڏنو، پر هاڻي سخت قدم ۽ ٽارگيٽيڊ آپريشن ڪري امن امان جي صورتحال ۾ بهتري آئي آهي. هن چيو ته صوبي ۾ ايپڪس ڪميٽي، نيشنل ايڪشن پلان (اين اي پي) عملدرآمد بابت اعليٰ ترين فورم آهي. جنهن ۾ اهو فيصلو ڪيو ويو تهسمورن غيرقانوني پناهگير بشمول افغانين کي واپس موڪليو وڃي. وفاقي حڪومت کان انهن جي جلد واپسيءَ لاءِ رابطو ڪيو ويو پر وفاقي حڪومت يو اين ايڇ سي آر جي درخواست تي انهن جي واپسي ڇهن مهينن يعني ڊسمبر 2016ع جي آخر تائين وڌائي ڇڏي. سيد مراد علي شاهه يو اين ايڇ سي آر تي زور ڀريوته انهن جي واپسيءَ لاءِ ضروري قدم کڻي ته جيئن صوبائي حڪومت ايپڪس ڪميٽيءَ جي اجلاسن ۾ ٿيل فيصلن تي عملدرآمد جي حوالي سان اڳڀرائي ڪرائي سگهي. يو اين ايڇ سي آر جي اندرائيڪا راتواتي چيوته پاڪستان جي ٽن صوبن خيبرپختون خواهه، پنجاب ۽ بلوچستان ۾ اٽڪل ڇهه لک افغان پناهگير رهن پيا جڏهن ته 1.3 ملين سنڌ صوبي ۾ موجود آهن، ان سان وڏي وزير سيد مراد علي شاهه اتفاق نه ڪيو ۽ هنچيو ته واپسيءَ جو عمل جاري هو ۽ روزانو ٻه هزار افغاني پنهنجي ڏيهه وڃي رهيا هئا. هن چيو ته خيبر پختون خواهه واحد صوبو آهي جتان ٽي لک پنجاهه هزار افغاني واپس افغانستان ويا آهن، جيتري تائين پنجاب جو تعلق آهي ته اهي ٻيو وڏو صوبو آهي جتان وڏي انگ ۾ پناهگير واپس ويا آهن، پر سنڌ مان اڃا تائين ٻٽيهه هزار افغان پناهگير ويا آهن. خيبر پختون خواهه مان وڏي انگ ۾ پناهگيرن جي واپسيءَ جا تفصيل ٻڌائيندي يو اين ايڇ سي آر جي چيف چيو ته اتان جا ماڻهو افغانستان ۾ پنهنجن ماڻهن سان رابطي ۾ هئا، وڌيڪ اهو ته اتان سندن ملڪ به ويجهو آهي، جئين ته سنڌ جو تعلق آهي ۽ ڪراچي ۾ روزگار جا وڏا موقعا موجود آهن ۽ افغان پناهگير پنهنجي ملڪ جي سرحد کان به تمام پري آهن. وڏي وزير سيد مرادعلي شاهه چيو ته سنڌ ۾ بنا رجسٽريشن جي افغانين جو وڏو انگ موجود آهي. هن يو اين ايڇ سي آر تي زور ڀريو ته اهي انهن کي رجسٽرڊ ڪن ته جيئن سنڌ حڪومت کي به ڄاڻ هجي ته ڪير ڪٿي رهائش ڪري رهيو آهي. هن چيو ته اسان انهن جي خوراڪ (سبسڊي) تي خرچ ڪري رهيا آهن، اهي اسان جييوٽلٽي استعمال ڪري رهيا آهن ۽ ته انهن جا ٻار اسانجي سرڪاري اسڪولن ۾ تعليم حاصل ڪري رهيا آهن. هن چيو ته بحيثيت ميزبان جي سنڌ صوبي افغانين کي سٺي ريت سنڀاليو پر انهن جي واپسي ته هئڻ ڪري اسان جا ماڻهو دهشتگردي جي صورت ۾ متاثر ٿي رهيا آهن. هن چيو ته اهو اوهان سڀ سٺي ريت سمجهو ٿا انڪري مان تفصيلن ۾ نه ٿو وڃان. يو اين ايڇ سي آر جي چيف چيو ته هن پناهگيرن جي تعليم ۽ صحت لاءِ 175 ملين ڊالر مختص ڪيا هئا، جنهن مان سنڌ لاءِ 300 ملين ڊالر مختص ڪيا هئا. اوهان اها رقم صوبي ۾ رهندڙ افغان پناهگيرن جي تعليم، صحت ۽ ٻين سماجي خدمتن تي خرچ ڪري سگهو ٿا. وڏيوزير صوبائي گهرو سيڪريٽري کي هدايت ڪئي ته هو سنڌ ۾ رهندڙ سمورن افغان پناهگيرن جيرجسٽريشن لاءِ يو اين ايڇ سي آر سان رابطي ۾ رهي ۽ انهن جي سهڪار سان انهن جي واپسيءَ جيانتظامن کي ممڪن بڻائي.

About Ahmedbilal

Check Also

ماسڪو: ماريا شرا پووا 26 اپريل کان وري انٽر نيشنل ڪيريئر شروع ڪري

ماسڪو: روس جي گولڊن گرل ماريا شرا پووا دوبنگ پابندي ختم ٿيڻ کان پوءِ هلندڙ …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *